ماڙي جلباڻي جو خوني واقعو ۽ سراپا احتجاج سنڌي عوام

تحرير: نثار لغاري

هن وقت سڪرنڊ لڳ ماڙي جلباڻي واقعي جي ڪري سموري سنڌ شديد ڪاوڙ ۽ سوڳ ۾ آھي،  هڪ طرف اتي سخت قسم جي دهشتگردي ٿي آھي ٻئي طرف حڪمرانن طرفان ان واقعي بابت چيو ويوي آھي ته اتي هاء ويليو دهشتگرد ٽارگيٽ ھو هن ايتري وڏي ڪاروائي باوجود سيڪيورٽي ادارا هن وقت تائين ڪوثبوت ناهن ڏئي سگهيا عام ماڻھن کي بيگناهه ماريو ويو ءاهو سلسلو هلندو رهندو آھي اهي عام ماڻھن جا لاش رکي ٻه ڏينهن نيشنل هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويو.

هن قومي سانحي خلاف حڪمرانن جو رويو ايترو بي رحماڻو ۽ سفاڪ آھي جيڪا ايف آءِ آر سرڪار داخل ڪئي اها نامعلوم ماڻھن تي ڪئي وئي جڏھن ته ايس ايس پي نوابشاهه انهي ڪارروائي جا تفصيل ڏنا ته اهو آپريشن اسان رينجرز حساس ادارن سان گڏ ڪيو.  هن واقعي جو جيڪڏھن ڪو تمام وڏو اثر پيو آھي ته اهو آھي خوف جو مڪمل خاتمو  هن وقت ماڻھن مان خوف ختم ٿيندو  ادارا جيترو جبر ڪندا تشدد ڪندا عوام مان خوف ختم ٿيندو ويندو .

خوف جو ختم ٿيڻ انقلابي جذبن جو آغاز آھي هن وقت حڪمران طبقا اهو نه اڳ سمجهيا آھن نه سمجهندا هتي ئي هڪ عجيب ڳالهه آھي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب بلوچستان خيبرپختون خواهه ۾ حالتون خراب آھن بچيل فقط سنڌ ھئي جتي هي هٿ سان حالتون خراب ڪري رهيا آھن

نگران حڪمرانن فقط هڪ نام نهاد ڪميٽي قائم ڪئي آھي جيڪا اڳ جيان وقت پاس ڪرڻ لاءِ  ھوندي صوبي جي وڏي وزير ڪاميٽي ٺاهي چئن ڏينهن اندر عمل دارن کان رپورٽ گهُري آهي.ڪاميٽيءَ ۾ ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ شامل آهن.

رپورٽ موجب خميس جي شام سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻيءَ ۾ سنڌ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائيءَ دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا.اکين ڏٺي شاهدن ’وائس آف آمريڪا‘ کي ٻڌايو آهي ته رينجرز جا اهلڪار ڳوٺ جي ڪجهه ماڻهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ چاهن پيا، پر ڳوٺاڻن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، کين ڇڏرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

واقعي جي اکين ڏٺي شاهد محمد بخش ’وائس آف آمريڪا‘ سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته رينجرز اهلڪار اسان جي ماڻهن کي بنا وارنٽ جي گڏ وٺي وڃي رهيا هيا، جنهن تي مزاحمت ڪئي وئي.هن الزام هنيو ته اهل ڪارن اسان تي سڌيون گوليون هلايون، فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿيا ۽ افراتفريءَ دوران عورتن سميت ڪيترا ڄڻا زخمي ٿيا.محمد بخش دعويٰ ڪئي ته واقعي کان پوءِ رينجرز ۽ پوليس موقعي تان غائب ٿي وئي. ايمبولينس نه هئڻ جي ڪري زخمين ۽ مري ويلن جا لاش موٽر سائيڪل ٽراليءَ تي وجهي اسپتال پهچايا ويا.ان واقعي جي اکين ڏٺي شاهدن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بيان ۾ گهڻو تضاد آهي.

سنڌ رينجرز جي ترجمان هڪ مختصر بيان ۾ دعوا ڪئي آهي ته آپريشن ’هاءِ ويليو ٽارگيٽ‘ جي خلاف ڪيو ويو هو، جنهن ۾’’شرپسندن“ رينجرز جي ٽيم تي حملو ڪيو.رينجرز جي ترجمان مطابق، ان دوران رينجرز جا چار اهل ڪار به زخمي ٿيا. ليڪن، رسيل زخمن جي نوعيت بابت ۽ ان حوالي سان وڌيڪ ڪي تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ذريعي ’وائيس آف آمريڪا‘ کي ٻڌايو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻيءَ ۾ بندش پيل ’سنڌ ريولوشنري آرمي‘ سان تعلق رکندڙ ڪنهن مبينا ’هاءِ ويليو ٽارگيٽ’ جي موجودگيءَ تي آپريشن ڪيو ويو ۽ ان جو اطلاع علائقي جي پوليس کي به هيو.

’سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ‘  جي صدر زين شاهه چيو آهي ته مرڻ وارا سندس پارٽيءَ جا حمايتي هيا ۽ اڃان سوڌو مارجي ويلن منجهان ڪنهن جي به ڏوهاري هئڻ جو ڪو رڪارڊ نه مليو آهي.

زين شاهه گهُر ڪئي آهي ته واقعي جي ’ايف آءِ آر‘ ايس ايس پي نواب شاهه تي داخل ڪئي وڃي ۽ ملوث اهلڪارن کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي ۽ واقعي جي اعليٰ سطحي جڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي.

هن سموري عمل تي سنڌ جي سياسي ڌرين عدم اعتماد ظاهر ڪيو آھي هنن هي مطالبا رکيا آھن ماڙي جلباڻي سڪرنڊ ۾ ڪيل رياستي دهشتگردي جي ڀرپور مذمت ڪندي  لاڳاپيل عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي گهر ڪريون ٿا. سنڌ اندر هڪ منظم سازش تحت ڌرتي ڌڻين خلاف زمين تنگ ڪئي پئي وڃي، جتي ڪنهن وقت ڪچي جي ڌاڙيلن جي سرپرستي ۽ ڪڏھن ونگاري پوليس ۽ ٻين فورسز ذريعي ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيو وڃي ٿو ته جيئن اهي هر قسم جي مزاحمت تان هٿ کڻي وڃن. پورهيت مزاحمت اهڙي ڪنهن به ڪڍي عمل ۽ منصوبا بندي جي هر فورم تي مخالفت ڪندي ۽ سڪرنڊ واقعي ۾ متاثر ٿيل ڳوٺاڻن کي انصاف ملڻ تائين ساڻن نه صرف گڏ رهندي پر هر قسم جو تعاون پڻ ڪندي. اسان سمجهون ٿا ته رينجرس سميت ڪنهن به پيراملٽري فورس جو شهرن اندر رهڻ ۽ شهرين کي هراسان ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي ۽ چونڊيل يا نگران حڪومت پاران کين مليل ڇوٽ نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي آهي، پر انساني قدرن جي سنگين لتاڙ پڻ آهي.

سڪرنڊ واقعي ۾ متاثر ڳوٺاڻن ۽ شهيدن جي خاندان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ رينجرز سميت هر قسم جي پيراملٽري فورس کي سنڌ جي شهرن مان نيڪالي ڏني وڃي.هنن اهو واضح مطالبو ڪيو آھي ته ماڙي جلباڻي واري واقعي جي ايف آءِ آر ۾ ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي نوابشاھ ۽ حد جي ايس ايڇ او جا نالا شامل ڪري دھشتگردي ۽ قتل جا قلم شامل ڪيا وڃن

موجوده دور ۾ سنڌ نهايت ڏکي صورتحال مان گذري رهي آھي ساڳي ريت تاريخ گواهه آھي ته سنڌ ۽ ان جي عوام اهڙين ڏکين حالت جو مقابلو ڪري پنهنجو دفاع پئي ڪيو آھي هن وقت به ڪافي ڪمزور نظرايندي بظاهر مفتوح هوندي به مزاحمت ڪري رهي آھي ان جو اهم ثبوت قيامت برپا ڪندڙ ماڙي جلباڻي جهڙا واقعا آھن جيڪڏھن ماڻھو جيڪي عام هاري پورهيت آھن اهي پنهنجي زندا هجڻ جو اظھار نه ڪن ها ته مٿن گوليون به نه هلايون ويون هجن ها مٿن ايترو شديد ننگو جبر به نه ٿيو هجي ها ماڻھو مزاحمت ڪري رهيا آھن مايوسي جي رجعتي دور ۾ ھي وڏي مزاحمت آھي انڪري اسان کي ان تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.