ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قيامت صغريٰ ۽ سنڌ جو ردعمل

سموري سنڌ ۾ سڪرنڊ لڳ ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل واقعي جي ردعمل طور احتجاج ۽ ڌرڻا ۽ مظاھرا هلندڙ آھن.ھي ايڪھين صدي جي سنڌ جي نوجوانن جو ردعمل آھي. اھو ردعمل ان ظلم خلاف آھي،جنھن ۾ بي ھٿيار ماڻھن کي سوڙھو ڪري گولين جو بک بڻائي ڇڏيو ھو.

عوام جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ وڏين سياسي جماعتن سنڌ جي ھن واقعي تي ڪو اھڙو ردعمل ظاھر نھ ڪيو آھي،جنھن کي ڳڻي سگھجي، ڇاڪاڻ جو اھي عام ماڻھو ھئا.جنھن جو سڌو مطلب ھي آھي تھ سياسي ڌريون پڻ مخصوص مفادن کي نظر ۾ رکنديون آھن.جنھن مان انھن جي جمھوريت پسندي ۽ عوام جي حقيقي نمائندگيءَ جي دعويٰ جي نفعي ٿئي ٿي.

سڪرنڊ لڳ ماڙي جلباڻي ڳوٺ ۾ ٿيل واقعي سموري سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو.ھي واقعو بھ ڪافي ورھيھ اڳ سنڌ ۾ ٿيل ٽنڊي بھاول واري واقعي جھڙو ئي آھي. ٽنڊي بھاول ۾ ان وقت به فورسز چيو ھئو ته مارجي ويل ڌاڙيل ھئا جيڪي مقابلي ۾ مارجي ويا.سندن اھڙي دعويٰ  اڳتي ھلي نسورو ڪوڙ ثابت ٿي ھئي.اھو نج ھڪ زميني تڪرار ھو .جنھن ۾ ھڪ ڌر فورسز کي استعمال ڪيو.جنھن سان ملڪ جي ان اداري جي ساک تي ھڪ نھ مٽندڙ داغ بھ لڳو.

تازي  واقعي ۾ اھو چيو ويو ته فورسز ڪنھن خطرناڪ بمبار جي تلاش ۾ ھئي. جڏھن ته بظاھر سرچ آپريشن جو محور پنجھتر سالن جو جھور سياسي ڪارڪن رجب جلباڻي  ھئو.ڏينھن جي روشني ۾ اهلڪارن جنھن طريقي سان اتي داخل ٿي ڪري، جنھن بربريت جو مظاھرو ڪيو. ان کي روڪڻ جي لاءِ صرف ھٿين خالي ماڻھو ھئا.ڳوٺاڻن رينجرز جي گھرن ۾ گھڙڻ تي مزاحمت ڪئي ۽ اھو عمل ڪنھن بھ ريت سرچ آپريشن ۾ مداخلت نه ھئي، ڇاڪاڻ جو  عام طور تي ايئن ٿيندو آھي ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ داخل ٿيڻ تي مزاحمت ڪندا آھن اھا ھر ھنڌ جي عام روايت آھي.ان سموري معاملي ۾ مزاحمت ڪندڙ ڳوٺاڻا ھٿين خالي ھئا.جڏھن تھ  سامھون بندوق بردار ھئا. قانون جا ھر ڏينھن ھن ملڪ ۾ بخيا اڊيڙيا ويندا آھن نھ تھ قانون تھ اھو چوي ٿو تھ اھڙي صورتحال ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ھوائي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪري ماڻھن کي ھٽائين ۽ پنھنجو ڪم ڪن.

پر ھتي فورسز سڌيون گوليون ھلايون. اھو ظلم ۽ بربريت جو ھڪ خوفناڪ مثال آھي.اھو انساني حقن جي سرعام لتاڙ  آھي.اھو اسان جي ريتن رسمن جو جنازو آھي.اھڙي عمل ۾  ڳوٺاڻا مارجي ويا، جنھن جي فورن بعد رينجرز جا جوان اتان ڀڳا. اھو انھن جو ڀڄڻ ئي ثابت ڪري ٿو تھ ان معاملي ۾ سمورا قانون لتاڙيا ويا آھن. عام حالتن ۾ ڪنھن بھ آپريشن جي صورت ۾ مارجي ويلن جا لاش تحويل ۾ ورتا ويندا آھن.ان جي رپورٽ تيار ڪئي ويندي آھي.ان جي سرڪاري پڌارئي جاري ڪئي ويندي آھي، اھو سمورو عمل مڪمل ڪيو ويندو آھي. هي ڪھڙي آپريشن ھئي جنھن ۾ ڪارروائي ڪري بي ھٿيار ماڻھن کي موت جي ننڊ سمھارڻ بعد فورسز يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنھنجا کُر پير ڊاٿا ۽ اتان فرار ٿي ويا.

جنھن بعد ڪارروائي ڪندڙ اھلڪار اچي ايس ايس پي آفيس پھتا. اتي اچي من گھڙت بيانيئو گھڙيو ويو جنھن جي ڪھاڻي ٺاھيائون ته، ڳوٺاڻن اسان مٿان حملو ڪيو آھي.ان جي لاءِ لفظ ئي ”حملا آور“ ڪتب آندو ويو آھي.اھي سموريون ڳالھيون تصديق ڪن ٿيون تھ ان ڪھاڻي۾ ڪا بھ صداقت نھ آھي،جيڪا پوليس جي مدد سان گھڙي وئي آھي.

ھڪ تھ حملو ڪندڙن ھميشه ٻاھران ايندا آھن،ھتي تھ ڳوٺاڻا پنھنجي گھرن ۾ موجود ھئا. فورسز ماضي ۾ پڻ سنڌ اندر اھڙا واقعا ڪندي رھي آھي. کين اھي اڪثر واقعا ڦٻي ويندا آھن پر جدوجھد جي نتيجي ۾ ٽنڊي بھاول واقعي جي ڏوھي  ميجر ارشد جميل کي ڦاھي آئي ھئي.جنھن سان سنڌ جي بي يارو مددگار عام ماڻھن کي ظلم جي خلاف اٿي کڙي ٿيڻ جو ھڪ لازوال حوصلو ۽ سگھھ ملي ھئي.

ٽنڊي بھاول واري واقعي ۾ بھ عام ھاري ماريا ويا ھئا ۽ ھتي ماڙي جلباڻي جا ڳوٺاڻا پڻ بيگناھ ھاري ھئا، انھن کي قتل جو ڪو بھ جواز نھ ھو. سموري سنڌ جو اھو ئي مطالبو آھي تھ ان واقعي ۾ شامل جيڪي بھ ڏوھاري آھن انھن تي ڪنھن بھ ڌر کي ڪک نھ رکڻ گھرجي ۽ انھن قاتلن کي گرفتار  ٿيڻ گھرجي.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڳوٺاڻن کي  قتل ڪرڻ ۽ زخمي ڪرڻ بعد انھن کي ان ئي حالت ۾ ڦٽو ڪري ھليا ويا. جن کي رڪشا ۽ همدرد ايمبوليسن  ۾تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو.

عيني شاهد عبدالحميد جلباڻي ٻڌايو ته وٽنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ پڙهندڙ شاگرد لياقت ولد شهمير جلباڻي کي صبح جي وقت يونيورسٽي مان کنڀيو ويو. ان بعد پوليس ۽ حساس ادارن جون 20 کان وڌيڪ گاڏيون ۾سوين اهلڪار گهرن ۾ داخل ٿيا. گرفتار ٿيل شاگرد کي هٿڪڙيون لڳل ھيون.گھرن ۾ داخل ٿيڻ تي اسان اعتراض ڪيو ۽نوجوان کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي.جنهن ۾ اسان جا چار نوجوان شهيد ٿيا.وڌيڪ چار ڄڻا،معصوم ٻار ۽ عورتون پڻ زخمي ٿيا.واقعي بعد قتل ٿيل 4 ڄڻن جا لاش سڪرنڊ قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو.

سموري سنڌ ۾ خميس واري ڏينھن ٻن پھرن بعد ماڙي جلباڻي واري واقعي خلاف شديد ردعمل سامھون آيو.اھڙو احتجاج سنڌ جي سمورن شھرن ۾ جاري آھي.سڪرنڊ وٽ لڳل ڌرڻي بعد مقامي پوليس وارثن جو ڪيس داخل ڪيو.جنھن بعد لاش دفنايا ويا.

ھوڏانھن سنڌ جي مختلف علائقن ۽ شھرن ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سڏ تي واقعي خلاف مظاھرا ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آھي.سنڌ ۾ اھڙي قسم جي واقعي تي سموري سياسي سماجي ڌرين پاران آيل ردعمل سان اھو سمجھڻ گھرجي تھ سنڌ جو نوجوان ۽ عام ماڻھو ھاڻي سياسي طور سجاڳ آھي.ڪنھن بھ اھڙي عمل کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي جو سپريم ڪورٽ کي ھھڙي واقعي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ ان جي لاءِ اختيارين کان اھڙي ڪارروائي جو سبب معلوم ڪرڻ گھرجي،جيئن ان جي پس منظر ۾ لڪيل حقيقتون سامھون اچي سگھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.