ڪراچي: مختلف تنظيمن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جو سڪرنڊ واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي ۾ مزدور اڳواڻن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي سڪرنڊ واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڪراچي پريس ڪلب آڏو مختلف تنظيمن جي اڳواڻن وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري سڪرنڊ واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ سڪرنڊ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سڪرنڊ واقعو کليل دهشتگردي آهي، هارين کي بيگناھ شهيد ڪندڙ اهلڪارن کي فوري گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ شهيدن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته شهرين جو تحفظ ڪري پر افسوس جو هارين کي قتل ڪري دهشتگرد ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،سڪرنڊ واقعي جي ايف آئي آر ۾ قاتلن جا نالا ناهن ڏنا ويا، رياست قاتلن کي بچائڻ ٿي چاهي، جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.