ڪراچي: دل جي بيمارين بابت آگاهي ڪانفرنس

ڪراچي ۾ دل جي بيمارين جي عالمي ڏينهن تي آگاهي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ دل جي مرض جي ماهر ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي دل جي مرضن جي ماهر ڊاڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق، پروفيسر محمد نواز لاشاري، ڊاڪٽر خالدہ سومرو ۽ ٻين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته دل جي بيمارين سبب ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي مرڻ جو انگ وڌندو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ساليانو 5 لک ماڻهو فوت ٿين ٿا.

هنن چيو ته پاڪستان ۾ 46 سيڪڙو ماڻهو بلڊ پريشر جو شڪار آهن، ننڍي عمر ۾  ٻار منشيات واپرائن ٿا جنهن سبب هو ويهن کان 25 سالن جي عمر تائين دل جي مرضن جو شڪار ٿي وڃن ٿا،تعليم جي فقدان سبب بيمارين جنم ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.