ڀنڀور(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) ٺٽو سان تعلق رکندڙ اڳوڻن چونڊيل نمائندن، قومپرستن ۽ سماجي اڳواڻن واضح ڪيو آهي ته ٺٽو هڪ تاريخي حيثيت رکندڙ ضلعو آهي، جنهن جي حدن يا تڪن سان ڪا به ڇيڙڇاڙ يا سازش برداشت نه ڪئي ويندي، بوگس آدمشماري ڏسي ٺٽي جي سيٽ ختم ڪرڻ واري عمل خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، پاڻي جي کوٽ سبب هتان جابلو علائقن ۾ لڏي ويندڙ ماڻهن کي آدمشماري ۾ شامل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن “عوامي آواز” سان ڳالهائيندي ڪيو. ٺٽو سان تعلق رکندڙ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان رڙيون ڪندا پيا اچون ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ ڏيکارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڊجيٽل آمشماري دوران ضلعي جي سامونڊي ۽ ڪوھستاني پٽي سميت ٻين علائقن ۾ برسات سبب ھزارين ماڻھو لڏپلائڻ ڪري ھليا ويا ھئا ۽ سامونڊي پٽي ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ڪري به لڏپلاڻ ٿي، جنهن کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو ويو ھو ،اڳوڻي ايم پي اي امير حيدر شاھ چيو ته تعلقي ساڪري جي سيٽ ختم ڪري ان جي بجيٽ ٻئي پاسي خرچ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي فوري طور تي پراڻا انگ اکر بحال ڪري تعلقي جي سيٽ بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ھتان جي عوام سان گڏ دمادم مست قلندر ڪيو ويندو. جسم اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته سڄي سنڌ اندر خيرپور، سانگهڙ سميت تعلقي ساڪري جي آبادي گهٽ ڏيکاري ڌرتي ڌڻين کي ديوار سان لڳائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي، ايس ٽي پي جي اڳواڻ جلال شاھ چيو ته ھر دور ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو سازشون ڪري ڌرتي ڌڻين کي ديوار سان لڳائڻ جي سازش ڪئي ويندي آھي، اڳوڻي ايم اين اي شفقت حسين شاھ شيرازي چيو ته ٺٽو ضلعو تاريخي شاهوڪار ضلعو آھي، ٻوڏ جي تباهين سبب ٺٽي ضلعي جا ماڻھو دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھي، ٻئي پاسي ٺٽي جي گهٽ آبادي ڏيکاري هتان جي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. سول سوسائٽي ٺٽو جي اڳواڻن اقبال جاکرو، ذوالفقار خاصخيلي، صاحب خان ڪلمتي، آصف جوکيو، ممتاز لاشاري، نظام جوکيو ۽ ٻين چيو ته نئين ڊجيٽل آدمشماري تحت ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپورساڪرو جي حدن سان ڇيڙڇاڙ بند ڪئي وڃي، ميرپورساڪرو تڪ جيڪو قديمي تڪ پي ايس 79 آھي، جيڪو قديمي تڪ ڪيٽي بندر تائين رهيو آھي، هميشه اتان ايم پي اي ڪامياب ٿيا آھن، ڄام بجار خان جوکيو، صاحب ڏنو ڳاهو، غلام قادر پليجو، سسئي پليجو، امير حيدر شاهه شيرازي، ڄام اويس گهرام جوکيو هتان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندا رهيا آهن.