نيب ڪيس، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت طلب

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم  يوسف رضا گيلاني کي طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت پاران جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ توشا خانا ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ 24 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ به طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي عدالت طرفان توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به 24 آڪٽوبر تي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ڊالروڌيڪ سستو، سيپٽمبر ۾ 18 رپيا سستو ٿي پيو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري  آهي. انٽر بئنڪ ۾ سيپٽمبر جي آخري ڪاروباري ڏينهن ڊالر هڪ رپيو هڪ پئسو سستو ٿيو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو هڪ پئسو سستو ٿيڻ کانپوءِ 287 رپين 74 پئسن جو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 4 رپيا 2 پئسا، جڏهن ته هلندڙ مهيني ۾ 17 رپيا 80 پئسا سستو ٿيو آهي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ٻه رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 288 رپين جو ٿي ويو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 5 رپيا 50 پئسا، جڏهن ته سيپٽمبر ۾ 35 رپيا سستو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.