ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ ٽرائل عدالت کي عذيربلوچ جي خلاف داخل 5ڪيس جو فيصلو روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي،عدالت عذيربلوچ جي شريڪ جوابدارن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن،جڏهن ته عدالت اي ٽي سي کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيستائين سنڌهاءِڪورٽ حتمي فيصلو نٿي ڪري تيستائين اي ٽي سي ڪو به فيصلو نٿي ڪري سگهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
مانسهره: ٽويوٽا هاءِ ايس پل کان يٺ ڪِري پئي، 6 ماڻهو فوت
مانسهره(م ڊ) ايڪسپريس وي تي هاٿي واري هنڌ تي ٽويوٽا هاءِ ايس پل کان هيٺ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 6 ماڻهو فوت جڏهن ته 7 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا ۽ فوت ٿيلن کي ڪنگ عبدالله اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو 1122 مطابق گذريل ڏينهن هاٿي واري هنڌ تي ٽويوٽا هاءِ ايس جو ٽائر نڪرڻ سان گاڏي پُل کان هيٺ ڪِري پئي، ٽويوٽا هاءِ ايس ۾ 13 ماڻهو سوار هئا.
علي محمد خان پي ٽي آءِ جو رجمان نامزد
لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ مرڪزي اڳواڻن کي پارٽي ترجمان نامزد ڪري ڇڏيو. مرڪزي ميڊيا ترجمان مطابق پي ٽي آءِ فرخ حبيب، شعيب شاهين ۽ رئوف حسن کي پي ٽي آءِ ترجمان مقرر ڪري ڇڏيو، ان کان علاوه علي محمد خان ۽ بئريسٽر گوهر خان کي به پارٽي ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي. نامزد ترجمان پارٽي ۽ چيئرمين بابت قانوني ۽ سياسي معاملن تي پارٽيءَ جي مؤقف بابت آگاهه ڪندا.