ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ضلع سينٽرل ۾ گرلز ڊگري ڪاليج النور جي پرنسپال ۽ وائيس پرنسپال سميت چئن آفيسرن کي تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ دلچسپي نه وٺڻ ۽ ناڪامي تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هن اهڙو فيصلو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج النور ضلعي سينٽرل جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ڪيو جتي 26 سيپٽمبر تي تعليم واري صوبائي وزير رانا حسين ۽ سيڪريٽري ڪاليجز صدف انيس ملاقات ڪئي. وڏي وزير ضلعي سينٽرل جي گرلز ڪاليج جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڏٺائين نه ته ڪلاس صحيح نموني هلي رهيا آهن ۽ نه ئي ڪلاس رومز ۾ فرنيچر، ليب ۽ واش رومز جي حالت تسلي بخش آهي. هن ڏٺو ته نئون تعمير ٿيل آڊيٽوريم ۽ فنڪشنل هال بي ڌياني سبب ايترو ته گندو ۽ خراب ٿي چڪو هو جو ڇت جا چاپوڙا ڊهن پيا ۽ چوڌاري ڀتين تي مٽيءَ ڄميل ۽ رنگ ڦٽي رهيو هو. وڏي وزير ليبز جو دورو ڪيو پر هڪ به ليب ڪم ڪندي نه ڏيکاري وئي ۽ هن ڏٺو ته اتي رکيل سامان ٽٽل، بنا دروازن جي واش رومز ۽ خراب حالت هئي. وڏي وزير ڊي جي ڪاليج شاداب حسين کان پڇيو ته ڇا هن ڪڏهن سينٽرل ضلعي ۾ هڪ ايڪڙ زمين تي قائم گرلز ڪاليج جو دورو ڪيو آهي؟ جنهن تي ڊي جي انڪار ۾ جواب ڏنو ته وڏو وزير ڪاوڙجي ڇنڊ پٽيندي پڇيائين ته ڪو شاگرد اهڙي ڪاليج ۾ ڪيئن داخلا وٺندو جنهن ۾ واش روم جا دروازا ۽ استعمال لاءِ پاڻي نه هجي. وڏي وزير وزيراعليٰ هائوس واپسي تي سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد جو دورو ڪيو هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال جي ايم ايس کي هدايت ڪئي ته وارڊ ٻين مريضن لاءِ استعمال ڪيا وڃن. وڏو وزير اسپتال جي ڪچن ۾ ويو جتي 100 مريضن لاءِ روزانو ٻه وقت جي ماني تيار ڪئي ويندي آهي. وڏي وزير باورچيخاني جي حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ان جي مرمت ڪري صاف رکيو وڃي.