نگران وزير صحت پاران پوليو ورڪر هما کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(رپورٽر) نگران صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ سوشل ويلفيئر سنڌ ڊاڪٽر سعد خالد نياز جي صدارت هيٺ پوليو خلاف مهم  بابت اجلاس ٿيو. ڊاڪٽر سعد خالد نياز ٻڌايو ته هن سال پاڪستان ۾ 2 ۽ افغانستان ۾ 5 ڪيس سامهون آيا آهن. پاڪستان ۾ ٻئي ڪيس ڪي پي ڪي جي علائقي بنو ۾ ظاهر ٿيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ٻن سالن دوران سنڌ ۾ پوليو جو ڪو به نئون ڪيس سامهون ناهي آيو، هن چيو ته پوليو مهم شروع ٿيڻ کان اڳ عوام کي پوليو خلاف قانونن بابت آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي. هي هن چيو ته مهم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد ٽرين حادثي جو شڪار ٿيندڙ پوليو ورڪر هما کي پوليو خلاف جنگ ۾ سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته هوءَ اسان جي هيرو آهي جيڪا پنهنجي فرض جي ادائگي دوران بدقسمتي سان حادثي ۾ ٻنهي پيرن کان معذور ٿي وئي. پوليو ورڪر هما زخمي ٿيڻ باوجود پوليو خلاف خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.