اسلام آباد(م ڊ)پارلياماني بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽر تاج حيدر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ڪميٽيءَ کي ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن جي انتظامن ۽ تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حامد خان ٻُڌايو ته عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جا 266 ۽ صوبائي اسيمبلين جا 593 تڪ شامل هوندا ۽ سڄي ملڪ ۾ 91809 عارضي پولنگ اسٽيشنون آهن، جن مان 41809 کي نارمل جڏهن ته 50832 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ڪميٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ نتيجن جي نظام جي شفافيت بابت پُڇاڻو ڪيو. ان تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻُڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي تيار ڪيل سافٽ ويئر جي اليڪٽرانڪ اوزارن کي رٽرننگ آفيسرن لاءِ فارم 45 جون سنيپ شاٽس اُماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ۽ اهو سافٽ ويئر چونڊ نتيجن جي شفافيت کي يقيني بنائڻ لاءِ سنيپ شارٽس جي وقت ۽ جڳهه جي نشاندهي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڪميٽيءَ اليڪشن ڪميشن جو ڌيان قومي اسيمبليءَ جي تحليل ٽوڙڻ بعد 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميداري طرف به ڇِڪرايو. جڏهن ته ڪميٽيءَ اليڪشن ڪميشن کي سفارش ڪئي ته اها جلد کان جلد اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪري.