عمران خان اڊيالا جيل منتقل، نواز شريف واري بيرڪ ۾ رهندو

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست تي فيصلو ڪندي کيس اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پوليس ٽيم سخت سيڪيورٽي ۾ عمران خان کي وٺي اڊيالا جيل پهتي. ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين لاءِ خاص ڪمري جي صفائي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ کيس عدالتي حڪمن موجب ئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.  جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي بي ڪلاس بيرڪ فراهم ڪئي ويندي ۽ کيس ان ئي بيرڪ ۾ رکيو ويندو جنهن ۾ نواز شريف کي رکيو ويو هو.  ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ رکيل ڪمري جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم تي کيس سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ اٽيچ باٿ روم وارو ڪمرو ڏنو ويندو پر سندس کاڌي جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو. جيل ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ هڪ ملازم 24 ڪلاڪ مقرر ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.