اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار نازيا چنا مٽيءَ ماءُ حوالي، آءِ او معطل

وارھ (رپورٽ :منظورقريشي) مهينو اڳ جنسي تشدد جو نشانو بڻيل نازيه چنو جي فوت ٿيڻ بعد آخري رسمون وارھ ۾ ادا ڪيون ويون ، تڏو کهاوڙ  محلا عيدگاه ۾ وڇايو ويو،نياڻي جي والد اختيار علي چنو سان تعزيتي سلسلو جاري آهي،پ پ ضلعي تعلقي قيادت اڳواڻ قمرالدين گوپانگ رياض الدين ابڙو ،علي رضا چولياڻي ،بشيرخان چولياڻي، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ ٻين پهچي تعزيتي دعا گهري وارثن سان گڏ مڪمل ھمدردي ۽ مدد جي يقين ڌياني ڪرائي ،ان موقعي ايس ايس پي  قمبر پڻ پهچي دعاگهري ،جنهن اڳيان وارثن پوليس تي بي اعتمادي ظاھر ڪئي جنهن تي ايس ايس پي ڪيس جي آءِ او راحيلا گوپانگ کي معطل ڪندي ڪيس جي پاڻ پيروي ڪرڻ ۽ مڪمل طور انصاف جي خاطري ڪرائي ۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.