سنڌ ۾ فيڪٽرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 33280 رپيا مقرر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ مينيمم ويجز بورڊ سڄي سنڌ ۾  فيڪٽرين ۾ هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 33280 رپيا ۽ 32000 رپيا ماهوار مقرر ڪئي آهي. سنڌ مينيمم ويجز بورڊ جي چيئرمين ذوالفقار علي نظاماڻي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اها اجرت پهرين جولاءِ 2023ع کان لاڳو ٿيندي. ان حوالي سان عاجر پنهنجا اعتراض 14 ڏينهن اندر چيئرمين سنڌ مينيميم ويج بورڊ وٽ جمع ڪرائي سگهن ٿا. سنڌ مينيمم ويجز بورڊ جي چيئرمين ذوالفقار علي نظاماڻي مزدورن کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت نه ڏيڻ وارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ملازمن کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت نه ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.