ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ناظم آباد ۾ ۾ چوري دوران ماءُ ۽ پٽ جي ٻٽي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، ناظم آباد پوليس گرفتار جوابدارن وحيد ۽ فيصل جي نشاندهي تي 2 چوري ٿيل گاڏيون هٿ ڪري ورتيون.قتل کانپوءِ جوابدار 18 هزار رپيا روڪ رقم ۽ گهر مان 2 گاڏيون سوزوڪي هاءِ روف ۽ هونڊا سٽي بليڪ ڪاغذن سميت چوري ڪري ڪري ويا هئا جوابدارن سوزوڪي هاءِ روف شير شاهه ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ ناصر کي وڪرو ڪئي هئي،ناظم آباد پوليس ڪٻاڙي ناصر کي گرفتار ڪري سوزوڪي هاءِ روف هٿ ڪري ورتي،جڏهن ته جوابدارن فيصل، وحيد ۽ ذيشان ٻي گاڏي سٽي بليڪ 2005 ماڊل حب ريور روڊ موچڪو ۾ پارڪ ڪئي هئي،