ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ عورت تي تيزاب اڇلائڻ واري ڪيس ۾ جوابدارشاهد مسيح جي سزا جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي عدالت ثبوت نه هجڻ ڪري جوابدار ڪاشف مسيح کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي .ماتحت عدالت ٻنهي جوابدارن کي 14،14سال جي قيد بامشقت جي سزاڏني هئي .درخواستگذار ميشل مسيح پنهنجي موقف ۾ چيو ته مان جنت ميڊيڪل ڪيئر اولڊهوم ملير ۾ ملازمت ڪندي هيس، جوابدار ڪاشف 16فيبروري 2020ع جو فون ڪري ميٽنگ طلب ڪئي .دفتر ۾ اچڻ کان پوءِ ڪاشف جو ڀاءُ شاهد مسيح ڪوڙو نڪاح نامو ڏيکاريو مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن منهنجي مٿان تيزاب اڇلايو .