ڪرپشن ڪيس، مونس الاهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ

لاهور (م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن ڪيس ۾ مونس الاهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ  جاري ڪري ڇڏيا آهن.احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيب چيو ته نيب چيئرمين طرفان 11 آگسٽ تي مونس الاهي جو گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو ويو. مونس الاهي جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پر جوابدار ڄاڻي واڻي روپوش ٿي ويو آهي. جوابدار طلب ڪرڻ باوجود جاچ ۾ شامل نه ٿيو آهي، ان ڪري کيس اشتهاري قرار ڏنو وڃي. عدالت نيب جي درخواست تي 4 آڪٽوبر تائين مونس الاهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تائين جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.