بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا اينٽي ڪرپشن حوالي

اوڪاڙا(م ڊ) اوڪاڙا جي مقامي عدالت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي  ڪرپشن اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن اداري خاور مانيڪا کي سينيئر سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت خاور مانيڪا کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن حوالي ڪندي 4 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته خاور مانيڪا کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پر واپس وٺي وڃڻ وقت سندس هٿڪڙيون هٽايون ويون. صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ خاور مانيڪا چيو ته سندس سياست سان ڪو به تعلق ناهي، هن اتي درٻار ٺاهي آهي، قبرستانن جي ڀرسان 60 سالن کان دڪان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.