سنڌ جا وارث دربدري واري زندگي پيا گذارين: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون، لياقت آباد جي اردو ڳالهائيندڙ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عوامي پورھيت تحريڪ عمر ڪوٽ جي اڳواڻن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ پريم ساگر، ھريش،شھزاد ھاشمي، شمشاد وارثي قمرالدين، عبدالڪلام عبدالرحيم، عتيق الرحمان، محمد بشير، مھتاب وارثي ۽ عامر ملڪ جي قاسم آباد  لا آفيس ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته اردو ڳالهائيندڙ اسان ڀائر آهن، ڇھون نمبر ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ ۾ آهي، 71 سيڪڙو گئس، 59 سيڪڙو پيٽرول ۽ ٻين وسيلن سان مالا مال سنڌ جا وارث دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن. خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن. گذريل پنهنجي اقتداري دور دوران پيپلز پارٽي، ليگ ۽ پي ٽي آئي سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھ به نه ڏنو. وفاقي پارٽين وٽ سنڌ لاءِ ڪا به ايجنڊا ناھي. هن چيو ته سنڌ يتيم خانو ناھي، غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.هن  چيو ته نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي ويون آھن، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگهه آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.