سنڌي ادبي سنگت جي ٻن ڌڙن کي ملائي ھڪ ڪرڻ يقينن وڏي محنت ۽ ھمت وارو ڪم ثابت ٿيو ـ تنظيمي لحاظ کان ڌرين جا فڪري فرق ۽ بحث ھاڻي هرهنڌ محفلن، اوطاقن، گڏيل اجلاسن ۽ ويھڪن ۾ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا عام جام ملندا ـ اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي ادبي سنگت ۾ هاڻي رڳو ادب، شاعري، ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سنڌ ۾ تعليمي سرشتي جي بهتري لاءِ ئي ڪوششون ڪيون وينديون ۽ يڪجا ٿيل گروپن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن هڪٻئي سان هرجاءِ تي ڀاڪر پائي ملندا، اڳوڻيون سموريون رنجشون ۽ ناراضگيون چانهه جي ڪوپ گڏجي پيئڻ سان ختم ٿي وينديون. اميد ٿي پيدا ٿئي ته هو هاڻي هڪٻئي جي خوشي ۽ غمي کي پنهنجو سمجهي گڏ رهندا ۽ ڪنهن به ڌر جي ڪنهن به قسم جي قول ۽ فعل مان ٻئي ڌر لاءِ ڪو ڪمينٽ نه ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به معاملي ۾ هڪٻئي سان ڪوبه فرق روا نه رکيو ويندو…..!
ڪاش ائين ٿئي ۽ هيءَ ادبي سنگت پاڻ کي رڳو ادبي، علمي ۽ ثقافتي ذميوارين تائين محدود رکي ۽ ان مقصد لاءِ هڪٻئي جي صلاحيتن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشاده دلي کان ڪم ورتو وڃي.جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ پڪ سمجهبي ته سنڌي قوم جي عالمن ۽ اديبن 21صدي عيسوي ۾ کڻي داخل ٿيڻ نه قبوليو پر وري به پنهنجي 5هزار سال پراڻي سنڌو ماٿري واري دور ۾ واپس وڃي قديم تهذيبي ۽ علمي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي پراڻي ۽ وڏڙن جي ورثي کي ته ضرور سنڀالي ورتو آهي.خدا ڪري اسان جا ان قسم جون خوش فهميون درست ثابت ٿين ۽ اسان پڻ دنيا جي قومن ۾ وري ڪو پنهنجو وڃايل مقام ڳولهڻ پنهنجي ڪا پراڻي جاءِ وٺڻ جي اهل ثابت ٿي سگهون.
سنڌي ادبي سنگت جنهن جو نالو ئي ٻاجهارو ۽ پيار ڪرڻ وارو ۽ علم ۽ فضليت جي مرڪز طور ڏٺو ۽ ٻڌو ويندو رهيو آهي. ان فڪري ۽ رهنما مرڪز ۾ سنڌي ادبي سنگت جو اهو ٽيگ، لوگو ۽ نيڪ نامي جيڪا شمشير الحيدري جي وقت ۾ سمورين ڌرين ۾ اتفاق ۽ هڪٻئي لاءِ رواداري قائم رهڻ وارو دور هو ان تنظيم مان اهڙي قسم جي معتبر ۽ وڏي قد ڪاٺ واري شخصيت جي موڪلاڻي بعد اهو خال رهيو ۽ اڳتي هلي فڪري ۽ نظرياتي سياست هن جماعت ۾ اهڙي ريت داخل ٿي ويئي جو ادبي سنگت کي ئي سياسي جماعت جو ذيلي ادارو يا تنظيم بنائڻ لاءِ زور آزمائي ٿيڻ لڳي جنهن جي نتيجي ۾ هن ادبي مرڪز ۾ ڏار پوڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت جا فڪري ۽ نظرياتي اختلاف جيڪي قدرتي ۽ فطري هئا، انهن جي حوالي سان ڌرين ۾ اڻ سهپ ۽ عدم برداشت ايتري وڌي وئي جو جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت جي تنظيمي بحران وارو ڪيس، خراب ٿي مختلف فرقن ۽ فقهن جي مولوين جي جهيڙي وانگر سنڌ جي اديبن ۽ عالمن ۾ ڪرسي ۽ عهدن جي جهيڙي ۽ سنڌي ادبي سنگت تي قبضي واري ڪيس طور وڃي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ بحثن جو موضوع بڻيو ۽ ان گروهه بندي، ڪيسن واري سموري عرصي ۾ اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ جيڪا سنڌي ادبي سنگت ۽ اديبن، شاعرن ۽ عالمن بابت لکيو ۽ نشر ڪيو ويو اهو ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ کان به ٻاهر آهي.
جيڪڏهن اديب، عالم ۽ شاعر هڪٻئي لاءِ بدزباني ڪندي ۽ هرجاءِ تي هڪٻئي خلاف تهمتون هڻندي نظر ايندا ته، قوم۾ مايوسي ۽ نااتفاقي وڌڻ سان گڏوگڏ انهن جي عزت به گهٽجڻ قدرتي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ادبي سنگت جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن کي ڏسجي ته انهن ۾ڪيترا ماڻهو ٿا شريڪ ٿين ۽ تازو ڪراچي سنڌي ادبي سنگت جي ٿيل ڊائيمنڊ جوبلي واري پروگرامن ۾ سنڌ جي عالمن ۽ اديبن ۽ ساڃهه وندن جي شرڪت جي تعداد ۽ دلچسپي کي ڏسجي ته يقينن عبرت ٿيندي . شايد اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اسانجي سنڌي قوم ۾ اديب، شاعر يا قلمڪار هئڻ پڻ تهمت بڻجندو پيو وڃي.
سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙن ۾ اتحاد ڪرائڻ واري ڪارنامي جي سرواڻي ڪندڙ شخصيت محمد خان ابڙي صاحب جي بيان موجب ” اھو ڪم ڏکڻ ڪوريا ۽ اتر ڪوريا کي ملائڻ جھڙو ڪم ھو ” ـ يقينن اھو نظرياتي ۽ سياسي معاملو آهي جنهن کي دوستن اديبن جو تڪرار ۽ طبيعتن جو فرق ۽ ذاتي اختلاف سمجهيو ھو ـ ميڊيا جي دوستن جي دٻاءُ ۽ سنڌي سماج ۾ ادبي سنگت جو اڻوڻندڙ عمل قوم وٽ بدنامي جو سبب پڻ بڻيل ھو ـ اتحاد ڪم ۾ شايد دوستن ڪجهه وڙھيلن کي تـ ضرور ٺاھيو ھوندو پر نظرياتي ۽ سياسي وفادارين تان تـ ڪنهن بـ ھٿ نـ کنيو ھوندو ـ اھڙي صورتحال ۾ ڇا اھو بـ طئي ڪيو ويو ھوندو تـ سموريون ڌريون پنهنجي سياسي فڪر ۽ سوچ واريون ڳالھيون’ تقريبون ۽ ميڙاڪا پڻ نـ ڪنديون ـ اھو ممڪن بـ ناهي ـ اختلاف راء فطري ۽ قدرتي عمل آهي ان کي پٽڪي پلاند ۽ منٿ ميڙ سان ختم نـ ٿو ڪري سگهجي پر اتفاق وارن نقطن تي اتحاد ڪرڻ ئي درست ۽ عقلي رستو ۽ مڃيل طريقو آهي جنهن ۾ وقت سان گڏ تبديلي پڻ پاڻمرادو ٿيندي رهي ٿي ـ
حقيقت پسندي جي نگاھ سان ڏسجي تـ سنڌي ادبي سنگت جي ڄاڻايل ٻن ڌرين ۾ موجود اختلاف ادبي يا تنظيمي نـ پر بنيادي طور تي نظرياتي ۽ فڪري آهن ـ هڪ ڌر تاج جويو جي سرواڻي ۾ واضح طور جي ايم سيد جي حامي قوم پرست گروپن جو ميڙ آهي ۽ ٻئي ڌر ترقي پسندن ‘ ليفٽ ۽ جمھوريت پسندن جي نظرياتي ۽ فڪري ڌرين تي ٻڌل آھن . سنڌين جي ان ادبي سنگت جون ٻئي وڏيون ڌريون ڪنهن به صورت ۾پنهنجن نظرين ۽ فڪري ڌارائن کان ڌار يا لاتعلق ٿي نـ ٿيون سگھن ـ اھا ڳالهه ئي فڪري اختلافن جي سونهن ۽ قانون قدرت پڻ آهي.
سنڌي ادبي سنگت ۾ گذريل سال ٿيل چونڊون هڪ ڌر جي ڪاميابي ۽ ٻئي ڌر جي شڪست جو سبب بڻي. يعني قوم پرست ڌرين جي مضبوط ڪيل ميمبر شپ يا چونڊون کٽڻ لاءِ ڪيل محنت ڪارگر ثابت ٿي ۽ ترقي پسند چونڊون کٽڻ لاءِ گهربل پنهنجي اڻپوري تياري يا چونڊون کٽڻ جو هنر گهٽ هجڻ ڪري هارائي ته ضرور ويا پر انهن جي وچ ۾ فڪري ۽ نظرياتي فرق دونهين وانگر دکندا رهيا ۽ وڌي مچ ٿيندا ويا پر اليڪشن سان ادبي سنگت ۾ نه اختلاف ختم ٿيا ۽ نه ئي کٽيندڙ ادبي پهلوانن کي ٻئي ڌر ۾ ڪا مڃتا ۽ ڪاميابي ملي سگهي. هڪڙن وڃي عهدن قسم کنيا ۽ ڪرسيون سنڀاليون ته ٻين ڌرين کٽيندڙ ڌر جي ڪاميابي کي هٿ جي صفائي قرار ڏئي انهن کي ئي مڃڻ کان انڪار ڪيو .اهڙي ريت، ٻنهي ڌرين ۾ ويڇا اهڙي ريت وڌندا رهيا جيئن اسان جي سنڌ جي سياست ۾ آهي ته کٽڻ وارو ڪنهن کي جيئڻ ناهي ڏيندو ته هارائيندڙ ان کي ڪنهن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندو.
سنڌ جا ماڻهو اديبن ۽ شاعرن کي تارڪ الدنيا يا دنيا جي فڪر کان فارغ ۽ چانهن جي ڪوپ تي طوفان برپا ڪندڙ واندا ۽ سارو سارو ڏينهن اجايو ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ واري مخلوق قرار ڏيندا ٿا رهن.دنيا جي ڪنهن قوم ۾ جيڪڏهن پنهنجي عالمن، اديبن ، شاعرن ۽ قلمڪارن بابت اهڙي قسم جا رايا عام ٿي وڃن ته ان حالت ۾اهي اديب قوم جي رهنمائي ڪندڙ معززن واري پنهنجي مرتبي کي پڻ وڃائي ٿا ويهن. اهڙي صورتحال ۾ لاوارث قوم جا پريشان نسل نشي ۽ ذهني مونجهارن جو شڪار ٿي پنهنجو مستقبل برباد ڪندي نظر نه ايندا ته ٻيو ڇا ڪندا. يقين قوم جي نسلن جي ذميواري قوم جي بزرگن، عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جي حوالي هوندي آهي جيڪڏهن اهي ئي پنهنجا فرض ، اعتبار ۽ ساک وساري هڪ عدد ڪاٺ جي ڪرسي ۽ اخبارن ۾ شائع ٿيندڙ پريس ريليز ۽ خبرن ۾ پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي مرتبي کي ئي گم ڪري ڇڏين ته اهڙي حالت ۾ قوم سان ڪير همدردي ڪندو ۽ ڪير کين نفعي ۽ نقصان کان واقف ڪندو . جڏهن وقت ۽ حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ وارا پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي وساري ويهن ته اهڙي صورتحال ۾قوم جي پيرن هيٺان زمين جو نڪرڻ ، انهن جو مستقبل ڦرجي وڃڻ، پنهنجي ئي ملڪ ۾ قوم جو بي يار و مددگار ۽ مسافر بنجي وڃڻ ۽ ڌارين جون لوڌون سموري ملڪ کي وڪوڙي وڃن ۽ پنهنجي ڌرتي پنهنجي تي ئي تنگ ٿي وڃي ته، اهڙي صورتحال ۾ لاوارث قوم سان سڀ ڪجهه ٿيڻ ممڪن آهي، جنهن جي هروقت اميد ڪري سگهجي ٿي.