نوازشريف جي واپسي ۽ ن ليگ جي ري برانڊنگ

نصرت جاويد

شهباز شريف ۾ بيشمار صلاحيتون هونديون. ھن لاءِ معتبر عذرجوڙڻ ھن جي وس جي ڳالھه ناھي.ان ڪري لنڊن پهچڻ کان پوءِ صحافين کي اهو سمجهائي نھ سگھيو تھ ”ھنگامي“ طور  پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ٻي ملاقات لاءِ ،لاھور ۾ فقط ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ، واپس لنڊن ڇو پهتو. ”مشوري “ جو جواز اعتبار جوڳو نٿو لڳي ڇاڪاڻ ته اڳوڻو وزيراعظم حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ٽي هفتا لنڊن ۾ رهيوھو، لنڊن ۾ رهڻ دوران هن نواز شريف سان تقريبن روزاني جي بنياد تي تفصيلي ملاقاتون ڪيون ھونديون، جنهن ۾ خواجه آصف ۽ اسحاق ڊار جهڙا اهم اڳواڻ اڪثر شريڪ ھوندا  هئا.

لنڊن ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ ئي اھو  فيصلو ٿيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن ورندو. چئن سالن تائين جي پاڻمرادو جلاوطني ختم ٿيڻ تي سندن وطن واپسي به بدليل حالتن جي گھرج آهي، اپريل 2022ع ۾ عمران حڪومت اقتدار تان هٽي وئي ھئي. جنرل باجوا به نومبر 2022ع ۾ آرمي چيف جي عهدي تان استعيفيٰ فارغ ٿي ويو ھو.

انهن ٻن واقعن کانپوءِ عمر عطا بنديال جي چيف جسٽس جي عهدي تي رھڻ ئي نواز شريف لاءِ خراب سنوڻ هو. جيڪو بھ هن مهيني جي 16 تاريخ تي رٽائر ٿيو.ان جي  ريٽائرمينٽ کانپوءِ نواز شريف اها دعويٰ نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان جي رياست ۽ عدالت کي سندس وطن واپسي  پسند نه آھي. سياسي طور تي هاڻي هنن لاءِ لازمي ٿي ويو آهي ته هو سياست ۾ سرگرم ٿيڻ رھڻ چاھي ٿو ته هو وطن واپس اچي ۽ ”بدليل“ ماحول ۾ پنهنجن خلاف ڪيسن کي منهن ڏئي.

مسلم ليگ (ن) کي به ھن جي گھڻي گهرج آھي.اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال جي شروعات ٿيندي ئي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪنهن به ڏينهن ٿينديون. مسلم ليگ ن جي اميدوارن کي متوقع چونڊ وڙهڻ لاءِ مضبوط بيانئي جي ضرورت پوندي. جنهن کي مارڪيٽنگ جي اصطلاح ۾ ’ري برانڊنگ‘ چئبو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته ڪهاڻي جي  ڪردارن کي  به ڪنهن پراڊڪٽ جي واڌاري لاءِ نئين اشتهار لاءِ ’نئون‘ ڪيو وڃي. شهباز شريف ۽ سندس ساٿي  اعتراف ڪن ٿا ته 16 مهينن جي اقتدار ۾ سندن توجهه پاڪستان کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائڻ تي رهي، گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کين اهڙا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ، جن  جي ڪرڻ سان عوام جي اڪثريت جو ”ڏيوالو“ ڪڊي ڇڏيو آهي. مهانگائي جي ور چڙهيل عوام پنهنجي مسئلن جو ذميوار صرف مسلم ليگ (ن) کي قرار ڏئي رهيو آهي.

هڪ صحافي جي حيثيت ۾ سفر ڪندي، ماڻھن سان تڪڙي گفتگو ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو تھ  ته هو متوقع چونڊن دوران مسلم ليگ (ن) جي نامزد ڪيل اميدوارن خلاف ووٽ ڏئي ’حساب چڪتو  ڪرڻ‘ لاءِ بي تاب نظر اچن ٿا. اهڙين حالتن ۾ رڳو نواز شريف ئي ملڪ واپس اچي مسلم ليگ جي مفلوج ڍانچي کي نئون روپ ڏئي سگهي ٿو. 1985ع کان وٺي نواز شريف وڏي حوصلي ۽ لگن سان  جيڪو ”ووٽ بئنڪ“ ٺاهيو ھو. اپريل 2022 ۾ عمران حڪومت کان پوءِ قائم ٿيل شهباز حڪومت طرفان اهڙي ڪئي وئي آھي جو  هاڻي مسلم ليگ (ن) کي چونڊ ميدان ۾ پنهنجي ”توانا“ رکڻ لاءِ نئين ’معجون‘ ۽ ’رستم‘  ليڊر جي ضرورت آهي. نواز شريف گهربل ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سومر تي لاهور ۾ گڏ ٿيل مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سندس خطاب  ڪافي ”جارحاڻو“ هو. انتهائي تجزياتي سياستدان هجڻ جي ڪري هو فطري طور ڄاڻي ٿو ته شهباز حڪومت جي دور ۾ جيڪا مهانگائي عذاب وانگر  آئي، ان جو دفاع ڪرڻ ناممڪن آهي، ان مهانگائي جي ذميواري ڪنهن ٻئي جي ڪلهن تي وجهڻ ضروري آهي.

انھيءَ ڪري، نواز شريف ماضيءَ ۾ “وڃڻ “تي مجبور ٿيو. هن 2013ع جي چونڊن جي مهربانيءَ سان قائم ڪيل پنهنجي حڪومت جو ذڪر ڪيو، پنهنجي ڪاميابين کي ياد ڏيارڻ  کان پوءِ ان ”سازش“ جو ذڪر ڪرڻ بھ ضروري سمجهيو ويو، جن سندس ٽين حڪومت کي هڪ لمحي لاءِ به چين سان رهڻ نه ڏنو. جيڪڏهن سازشن جو ذڪر ٿيو ته ان جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لازمي بڻجي ويو. ان منطقي ضرورت کي نظر ۾ رکندي نواز شريف جنرل باجوا ۽ فيض حميد جا نالا کنيا، ان کان علاوه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار جو نالو به ورتو. نالو وٺڻ عوام جي تڪليفن جو علاج ناهي. هڪ سياستدان جي حيثيت ۾ هو اهو عهد ڪرڻ تي به مجبور آهي ته جيڪڏهن عوام سندس پارٽي کي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ۾ آندو ته پاڪستان جي موجوده بحرانن جي مبينا حقيقي جوابدارن کي معاف نه ڪيو ويندو. انهن جو احتساب ڪيو ويندو.

رڳو ”سازشي ڪردارن“ جي ”سخت احتساب“ جو واعدو ئي نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) کي هڪ نئون داستان ۽ توانائي فراهم ڪري سگهي ٿو. تنهن هوندي به، اهو واعدو رياستي ادارن کي پريشان ڪري ٿو وجھي. جيڪي ‘استحڪام’ ڳولي رهيا آهن. انھن جي خواھش آھي تھ ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي. مٿي بيان ڪيل خواهش هر لحاظ کان نيڪ نيتي تي ٻڌل آهي، سياست سٺي يا خراب خواهشن جي غلام ناهي. نواز شريف سياست جي اهم اصولن کي استعمال ڪندي چونڊ مهم کي نظر ۾ رکي رهيو آهي. ’جارحاڻي‘ روش اختيار ڪرڻ سندن سياسي مجبوري آهي. ”سخت احتساب جو واعدو“ اليڪشن مهم ۾ بھتر وڪرو ٿي سگهي ٿو.

ملڪ جي لاءِ ”استحڪام“ واسطي لازمي آهي ۽ ان جي حاصلات کي يقيني بڻائڻ جون ذميوار طاقتور قوتن تي آهن، پر اهي قوتون ان  ”چُورن“ کي ضرورت کان وڌيڪ ”ڪرنٽ“ محسوس ڪري رهيون آهن.ان بابت ھنن جي ذھن ۾ جيڪي خدشا ھئا انھن کان شهباز شريف کي آگاهه ڪيو ويو،پر  لنڊن پهچندي ئي هو ”گوجرانوالا“ سان منسوب ملاقاتن جي ترديد  ۾ مصروف ٿي ويو.

مڃجي ٿو  ته ’گوجرانوالا‘ تھ ڇا پر ھن جي  لاهور سميت پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۽ ڳوٺ ۾ طاقتور حلقن جي ڪنهن به” قاصد“ سان ڪا به ملاقات نه ٿي هئي. جيڪڏهن اها ملاقات نه ٿي  ۽ ان دوران نواز شريف جي جارحاڻي انداز تي ڪنهن به قسم جي خدشن جو اظھار بھ نھ ٿيو تھ  لنڊن مان وطن واپسي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ سان صلاح ڪرڻ لاءِ واپس ساڳئي شهر روانو ٿيو ھوندو. پر ميان شهباز شريف اڃا تائين ان سوال جو اطمينان بخش جواب نه ڏئي سگهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.