هي غزه امن معاهدو جيڪو وائٽ هائوس ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس کان پوءِ سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيو آهي، اهو ثابت ڪري ٿو ته وچ اوڀر ۾ امن جا ڳالهايل لفظ، سياست جي وڏين شطرنجين ۾ هڪ وڏو داءُ بڻيل آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏ غزه امن منصوبي جو اعلان ڪيو ته دنيا جي سياست ۾ هڪ نئون باب کولڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پر اهو باب واقعي امن ڏانهن کلي ٿو يا ڪنهن نئين سياسي راند جي شروعات آهي، ان بابت شڪ شبها قائم آهن. ٽرمپ جي ڳالهين ۾ اها ڳالهه نمايان هئي ته هو پاڻ کي وچ اوڀر ۾ امن جو اصل ٺيڪيدار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس زبان مان بار بار اهو جملو ورجندو رهيو ته "اڄوڪو ڏينهن تاريخي آهي” پر تاريخ جو فيصلو هميشه مستقبل ڪندو آهي، نه ته وائٽ هائوس جي روشنيءَ ۾ ٿيل تقريرون. هي امن منصوبي ۾ جيڪي شرط ٻڌايا ويا آهن، جهڙوڪ 72 ڪلاڪن اندر يرغمال آزاد ڪرڻ، حماس جي هٿياربند ڍانچي جي مڪمل خاتمي، غزه جي غير فوجي ڪرڻ، ۽ اسرائيلي فوجن جي مرحلاوار انخلا اهي سڀ ظاهر ۾ هڪ وڏو روڊ ميپ لڳن ٿا، پر اصل ۾ اهي سوال اٿارين ٿا ته ڇا ڪنهن ڌر جي مرضي کان سواءِ اهڙي منصوبي تي عمل ٿي سگهي ٿو؟ ڇا حماس پاڻ پنهنجن هٿيارن کي دفن ڪندي ۽ پنهنجي سياسي ۽ فوجي حيثيت کي ختم ڪندي؟ ڇا اسرائيل واقعي اهو برداشت ڪندو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست وجود ۾ اچي؟ يا اهو سڀ ڪجهه رڳو ان لاءِ آهي ته عالمي برادري کي ڏيکاريو وڃي ته آمريڪا ۽ اسرائيل امن جا وڏا سرواڻ آهن؟ نيتن ياهوءَ جي هڪ طرف قطري وزيراعظم کان معافي وٺڻ ۽ ٻئي طرف آزاد فلسطيني رياست جي مخالفت ڪرڻ، ان ڳالهه جو پتو ڏئي ٿي ته اسرائيل جي پاليسي اندروني طور تضادن جو شڪار آهي. اهو ساڳيو نيتن ياهو آهي جنهن جي حڪومت کي فلسطين جي هر هلچل ۾ دهشتگردي نظر اچي ٿي، پر جڏهن وائٽ هائوس ۾ ويهي ٽرمپ سان گڏ تصوير ڪڍرائي ٿو ته امن جي ڳالهه ڪرڻ ۾ به ڪو عار نٿو سمجهي. هيءَ منافقت ئي آهي جنهن سبب فلسطين جو مسئلو ستر سالن کان وڌيڪ عرصي کان حل نه ٿي سگهيو آهي.
پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف پاران منصوبي جي آجيان ڪرڻ ۽ فوجي قيادت جي به حمايت جو اظهار ڪرڻ، ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته پاڪستان عالمي دٻاءُ کان پاسو ڪرڻ لاءِ آمريڪي موقف جي ڀرسان بيٺل آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان جي عوامي امنگن ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته فلسطين کي هڪ نيم خودمختيار خطي تائين محدود ڪيو وڃي؟ پاڪستان جي تاريخي حيثيت هميشه فلسطيني حق خود اراديت جي حمايت ۾ رهي آهي. جڏهن هاڻي حڪومتي سطح تي ٽرمپ جي منصوبي جي آجيان ڪئي پئي وڃي ته اهو تضاد رڳو حڪومتي پاليسين ۾ نه پر قومي شعور سان به ٽڪراءُ آهي. هن امن منصوبي ۾ برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر جو ڪردار به ٻڌايو ويو آهي. ٽوني بليئر، جيڪو عراق جنگ ۾ آمريڪي حملي جو وڏو حامي رهيو هو، هاڻي جيڪڏهن امن جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها ڳالهه پنهنجي پاڻ ۾ هڪ وڏو تضاد آهي. ڇا اهڙا ماڻهو، جن جي هٿن تي لکين بيگناهه انسانن جو رت آهي، امن جا ٺيڪيدار بڻجي سگهن ٿا؟ هي اهو سوال آهي جيڪو هر شعور رکندڙ انسان جي ذهن ۾ اڀري ٿو. قطر جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. قطر گذريل ڪيترن سالن کان حماس ۽ ٻين عرب ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندو رهيو آهي. نيتن ياهوءَ جي معافي شايد هڪ سياسي ضرورت هجي، پر اها به حقيقت آهي ته بغير قطر جهڙن ملڪن جي ڪردار جي غزه ۾ امن جا ڪنهن به قسم جا ڳالهايل معاهدا عملي جامو نٿا پهري سگهن.
هاڻي اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي معاهدو واقعي امن جو پيغام کڻي آندو آهي يا اهو رڳو هڪ عارضي جنگبندي آهي، جنهن جي پويان وڏيون سياسي رانديون لڪل آهن. جيڪڏهن امن جي ڳالهه واقعي سنجيده آهي ته پوءِ فلسطين کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ ضروري آهي. پر جيڪڏهن امن رڳو ان لاءِ آهي ته اسرائيل پنهنجي فوجي گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ۽ حماس کي ختم ڪري، ته پوءِ اهو امن نه پر هڪ نئين غلاميءَ جو معاهدو هوندو. ٽرمپ جڏهن اهو چوي ٿو ته "اسان جو مقصد صرف غزه پٽي ناهي، پر سڄي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ آهي” ته اها ڳالهه رڳو نعري کان وڌيڪ ڪجهه به نٿي لڳي. ڇاڪاڻتہ ساڳئي وقت آمريڪا ايران کي دهشتگرديءَ جي سرپرستي جو مرڪز قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ابراهيم معاهدن ذريعي عرب ملڪن کي اسرائيل سان گڏ ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن امن جو مقصد واقعي حقيقي هجي ها ته پوءِ آمريڪا پهرين اسرائيل جي قبضي واري سياست کي روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ها، پر ان جي ابتڙ آمريڪا هميشه اسرائيل جي ساٿاري رهيو آهي. اهو به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ هر امن معاهدو تڏهن پائيدار ٿئي ٿو جڏهن اهو ٻنهي ڌرين جي مرضي ۽ عزت نفس کي تسليم ڪري. فلسطين ۾ مسئلو اهو آهي ته هڪ ڌر کي رياستي حيثيت ڏني وئي آهي ۽ ٻي ڌر کي اڃا تائين ان حق کان محروم رکيو ويو آهي. جيڪڏهن فلسطيني ماڻهن کي سندن حق خود اراديت کان محروم رکيو ويندو ته پوءِ ڪهڙي به معاهدي سان امن قائم نٿو ٿي سگهي.
هن صورتحال ۾ پاڪستان سميت مسلم دنيا کي سوچڻو پوندو ته ڇا هو رڳو آمريڪي منصوبي جي آجيان ڪري پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏين يا واقعي فلسطين جي ماڻهن جي امنگن سان گڏ بيهي. سعودي عرب، ترڪي، قطر، ايران ۽ ٻين ملڪن جا موقف هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن، جنهن سبب فلسطيني مسئلي جو هڪ گڏيل حل سامهون نٿو اچي. اها ورهاست ئي اسرائيل ۽ آمريڪا لاءِ سڀ کان وڏو هٿيار آهي. جيڪڏهن امن واقعي هدف آهي ته پوءِ پهرين فلسطين جي ماڻهن کي سندن حق ڏيڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ ٽرمپ جا اعلان ۽ نيتن ياهوءَ جون معافيون تاريخ جي فريبن ۾ شامل ٿي وينديون، غزه جو امن معاهدو به جيڪڏهن صرف ڪاغذ تائين محدود رهيو ۽ عملي طور فلسطيني عوام جي حقن کي تسليم نه ڪيو ويو، ته پوءِ اهو امن نه پر هڪ نئون بحران ثابت ٿيندو. ۽ ان بحران جي ذميواري انهن سڀني تي هوندي جيڪي وائٽ هائوس ۾ بيهي "تاريخي ڏينهن” جا اعلان ڪري رهيا آهن.