2022ع واري ٻوڏ: ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو حال ڪنهن کان پُڇجي؟

محمد احسان لغاري

2022ع واري ٻوڏن کي سال کان ڪجهه ڏينهن مٿي ٿيا آهن. ڪنهن به آفت جي اچڻ وقت کان چار بنيادي مرحلا ٿين ٿا. پهريون مرحلو هوندو آهي تڪڙي واهر (Rescue)، جنهن ۾ آفت سَٽيل انسانن کي موت جي مُنهن مان ڪڍي اهڙي جاءِ ۽ ماحول ۾ آڻڻو هوندو آهي، جنهن ۾ هُو پنهنجي ساهن کي جاري رکي سگهن  ۽ ڪجهه ڏينهن تائين وڏي واهر پهچڻ تائين پنهنجي زندگي گهاري سگهين. هن مرحلي جو وقت ست ڏينهن کان ٻن هفتن تائين عالمي سطح جي تحقيق ڏس ڏين ٿيون.يعني جيڪڏهن ماڻهو ٻوڏ جي پاڻي ۾ مڪمل طور تي ڦاٿل آهن ته انهن کي اهڙي جاءِ تي پهچائجي جتي هو زندھ رهڻ لاءِ بنيادي عمل ”ساھ کڻڻ، ماني کائڻ، پاڻي پيئڻ ۽ پيٽ خالي ڪرڻ“ ڏکيو سُکيو ڪري سگهن. هِن عمل ۾ سڀ کان پهريائين ڪميونٽي/ ماڻهو پاڻ همت ڪندا آهن ۽ ترت ئي حڪومتي ريسڪيو (ڏکيائي مان ڪڍندڙ) ادارن کي پهچڻو هوندو آهي.

اسان ڏٺوسين ته ٻن هفتن جي جاءِ تي حڪومت ۽ ماڻهن کي 2022ع ڪجهه مهينا لڳي ويا. سهڪار کان وٺي امداد جي ورڇ تائين، ڪٿي ڪٿي چڱين ڪوششن جي باوجود مجموعي طور سنڌ ۾ ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ تي سوين آڱريون کڄيون. اِها ادارتي ڪمزوري صرف ضلعي انتظاميا سان لاڳاپيل ناهي، ان ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جا مڙئي ادارا اچي وڃن ٿا.

ٻيو مرحلو رليف-ڪجهه بنيادي سهولتون ۽ آساني پهچائڻ وارو آهي. ان ۾ ماڻهن کي آفت سَٽيل طبعي حالتن/ جاين مان ٻاري ڪڍي اچڻ، ڪئمپن جو انتظام ڪرڻ، عارضي رهائش جو ٺاهڻ، طبعي امداد،  کاڌ خوراڪ، صحت جون عارضي سهولتون، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نيڪاسي جو عارضي نظام شامل آهن. اِهو مرحلو ڪجهه هفتن کان ڪجهه مهينن تائين هلي سگهي ٿو. ان ۾ ضلعي انتظاميا گهڻي ادارتي ڪمزوري ڏيکاري. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ ادارتي مقررين جو هڪ خاص ”پنهنجا، پنهنجن ڪمن لاءِ ۽ پنهنجي فائدي لاءِ“ نظام قائم ٿيل هو، ان ڪري اِها ادارتي ڪوتاهي ۽ ڪمزوري پڻ سياسي طرز حڪمراني جو مظهر آهي! ٻوڏ اچڻ وقت تقريباً چوڏهن سالن جي حڪمراني جو تسلسل هو، ان جي دور جي ادارتي بهتري يا بدحالي جي ذميواري به ان حڪومت ڏانهن ئي وڃي ٿي.

ٽيون مرحلو ريهيبليٽيشن/بحالي جو آهي، ان ۾ ڪجهه مهينن کان ڪجهه سالن جو وقت گهربل هوندو آهي. ان لاءِ مرڪزي ۽ سنڌ حڪومت ڪوششون ڪيون ۽  عالمي ادارن کان جلد قرض ۽ امداد وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڪجهه تڪڙا بحالي جا ڪم پڻ شروع ڪيا ويا، پر ان ۾ پڻ ادارتي ڪمزوريون وري چوٽ چڙهي سامهون آيون. چوٿون ۽ اهم مرحلو مڪمل بحالي ۽ نئين سِر تعمير جو آهي. جڏهن بحالي جو ڪم شروع ٿئي ٿو ته ان جي رٿابندي ۽ ڊزائين اهڙي نموني ڪبي آهي، جو اُهو نئين سِر تعمير لاءِ هڪ سگهارو بنياد فراهم ڪري. ان ۾ پنج سالن يا ان کان وڌيڪ وقت گُهربل هوندو آهي.

پاڪستان جي حڪومت طرفان، ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڊسمبر 2022ع ۾ ٻوڏ جي بحالي لاءِ جيڪو گهاڙيٽو (فريم ورڪ) جاري ٿيو، تنهن کي ”ريزيلينٽ رڪوري، ريهيبليٽيشن اينڊ ريڪنسٽرڪشن فريم ورڪ (چار ــ آر)“ چئجي ٿو. هي اُهو بنيادي دستاويز آهي، جنهن جي ڏسيل راهن ۽ طريقن سان عالمي ادارن طرفان ملندڙ  (صرف سنڌ لاءِ) اڍائي ارب ڊالرن کان مٿي جي پروجيڪٽن ۽ پروگرامن تي عمل ڪرڻو هو. جڏهن جنوري 2023ع ۾ اِهو گهاڙيٽو عمل ۾ آيو، تڏهن واسطيدار ادارتي (حڪومتي) سربراهن کي عرض ڪيو ته سڀ کان پهريان ان چار ــ آر جي گهاڙيٽي جي ادارتي سمجهه پيدا ڪئي وڃي، ان کان پوءِ جيڪي ادارا پاڻي، آبپاشي، روڊ، صحت، زراعت، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، سوشل پروٽيڪشن ۽ ٻين کاتن ۾ ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ يا بحالي لاءِ پراجيڪٽ تيار ڪري رهيا آهن، انهن کي چار آر جي مقصديت ۽ ڏنل حڪمت عملين کي شامل ڪرڻ ضروري آهي، ٽيون اِهو عرض ڪيو هوم ته ان کي سنڌي، اردو ۽ ترجمو ڪري، عام فهم ڪيو وڃي. ان تي بحث مباحثا ڪرايا وڃن ته جيئن عام ماڻهن تائين خبر پوي ته انهن کي ان عمل ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شريڪ ٿيڻو آهي ۽ ساڻ گڏ انهن کي خبر پوي ته ڇا ۽ ڪيئن ٿيڻو آهي ۽ ڇا ۽ ڪيئن ٿئي پيو!

ان گهاڙيٽي ۾ پاڪستان جي حڪومت پاڻ مڃيو آهي ته ”2022ع جي ٻوڏن اسان جي ادارتي ڪمزورين ۽ چئلينجن کي کولي پڌرو ڪيو آهي. انهن ۾ اسان جي ڪمزور شهري رٿابندي، اڏاوتي ڍانچي جي گهٽ سار سنڀار، پاڻي جي وسيلن جي ڪمزور انتظام ڪاري، اڏاوتي اڻ برابريون (خاص ڪري شهرن ۽ ٻهراڙيءَ ۾، ۽ وري وڏن شهرن ۽ ننڍڙن شهرن ۾) ۽ آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي گهٽ صلاحيت شامل آهن.“ ان ۾ اِهو پڻ لکيو ويو ته سياسي ۽ اقتصادي غير يقيني ۽ عدم استحڪام پڻ آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيتن کي گهٽايو آهي.

هڪ اهڙو دستاويز، جنهن کي گڏيل قومن جي پاڪستان لاءِ ڪيل امداد گڏ ڪرڻ واري ڪانفرنس (جيڪا 9 جنوري 2023ع تي گڏيل قومن ۽ پاڪستان گڏجي ڪئي) ۾ سامهون آندو ويو، جنهن جو ذڪر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جرنل کان وٺي ٻين عالمي ادارن جي اهم ماڻهن پڻ ڪيو. ان اهم دستاويز کي سنڌ جي ادارتي فيصلا سازن ڪيئن ۽ ڇو وساريو؟!

ان فريم ورڪ جا چار مقصد آهن. پهريون ”حڪومتي ادارن جي صلاحيتن ۽ طرز حڪمراني  کي وڌائڻ ته جيئن هو متاثر ماڻهن ۽ عوام جون زندگيون ۽ ان جا روزگار بحال ڪري سگهن. خاص ڪري ان (غريب ۽ ڏتڙيل عوام جا)، جيڪي انتهائي غير محفوظ آهن.“ ان جو ٻيو مقصد آهي ته عام ماڻهن/متاثرين جي ”روزگار جي ذريعن ۽ اقتصادي موقعن  (جنهن جي ذريعي هُو زندگيءَ ڏانهن موٽڻ ۾ ۽ زندگي گذارڻ ۾ مدد وٺي سگهن) جي بحالي ڪئي وڃي“. گهاڙيٽي جو ٽيون مقصد آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائجي ته ان سڄي بحالي ۽ ڊگهي عرصي واري تعمير ۾ هر ڪو شامل هجي. جنهن جو مقصد آهي ته ڪنهن به ڏتڙيل طبقي کي پوئتي نه ڇڏيو وڃي.“ ان مقصد جي اندر ئي آهي ته ”ماڻهن جي شموليت“ تمام ضروري آهي. اسان جو عام ڪامورو/آفيسر ان ڳالهه کي حقير ۽ غير اهم سمجهندو آهي ۽ پنهنجي پر وقت جو ذيان ڪوٺيندو آهي. اوهان کي اِهي لفظ پڙلاءُ ٿي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته ”هاڻ انهن گوڏرن ۽ جاهلن کان پڇيو ۽ انهن جي ٻڌبي!“ سياستدان پنهنجي سوين ڪمزورين جي باوجود عام ماڻهو سان (مٿاڇرو ئي سهي) گڏ بيٺل هوندو آهي ۽ ٻڌندو پڻ آهي (وري ڪندو اُهو آهي، جنهن ۾ افسر شاهي، سياستدان ۽ ٻين طاقتور ڌرين جو مطلب هوندو آهي) . ان گهاڙيٽي ۾ ڏنل چوٿون ۽ آخري مقصد آهي ته ”بنيادي سهولتن/خدمتن (جنهن ۾ روڊ، صحت، تعليم، پاڻي وغيره شامل آهن) ۽ اڏاوتي ڍانچي کي بحال ڪري، بهتر ڪري وڌيڪ سهپ/لچڪ ۽ پائيداري جي بنياد تي کڙو ڪيو وڃي.“

ڪنهن به وڏي آفت کان بحالي ۽ نئين سِر تعمير حاصل ڪرڻ لاءِ پنج سال جو عرصو گُهربل هوندو آهي، پر هڪ سال جي اندر ان جا بنيادي رستا، ڊزائين، ڪم ۽ ڳانڍاپائي گهاڙيٽا چِٽا ٿي ويندا آهن. ان سال جي اندر ئي ماڻهن کي زندگيءَ ڏانهن موٽڻ جا رستا صاف ٿي چُڪا هوندا آهن. ماڻهن جا ڦٽ ڇٽا ته نه هوندا آهن، پر انهن تي پَهَا رکجي چڪا هوندا آهن.

سنڌ جي نئين سِر تعمير ۽ بحالي کي ادارتي ۽ حڪومتي سطح تي “پراجيڪٽن جو ڇُڳو“ سمجهيو ويو آهي! سنڌ حڪومت جي پنهنجي جوڙيل حڪمت عملي، جيڪا رٿابندي کاتي جي ويب سائيٽ تي ڪجهه مهينا اڳ رکي وئي هئي، ان ۾ چار ــ آر جي گهاڙيٽي کي غير اهم سمجهي شامل نه ڪيو ويو آهي.

حڪومتي ۽ ادارتي سطح تي هر مهيني ۾ ٻڌايو وڃي ته ڇا ٿي رهيو آهي. ڪٿي ٿي رهيو آهي. ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي. ضلعي سطح تي حڪومت طرفان ان بابت ميٽينگون ٿين، عام ماڻهن ۽ متاثرين جي نمائندن جي شرڪت ٿئي ۽ ان ۾ ٿيل پيش رفت جي رفتار کي ڏٺو وڃي، ڪم جي معيار تي پڻ نظر رکي وڃي. پراجيڪٽن جي واڌويجهه ۾ زميني حقيقتن ۽ رڪاوٽن کي ڏُور ڪري، بنيادي سهولتن کي بحال ڪيو وڃي. جيترو شين تي بحث ٿيندو، کُليل نموني ٻڌايو ويندو ته ڇا ٿي رهيو آهي، اوترو معيار بهتر ٿيندو ۽ ڪم جو اُڪلاءُ پڻ تڪڙو ٿيندو. معيار  ۽ مقدار جي حساب جنهن جنهن اداري/پراجيڪٽ جي ذميواري آهي، اُهو شفافيت ۽ شين کي کليل، سڀن آڏو، ڏينهن جي روشني ۾ نظر ايندڙ رکندا ته شيون خود بخود بهتر ٿيڻ لڳنديون.

ان پوري نئين سِر تعمير جو محرڪ ”اڳي کان بهتر ۽ سگهاري حالت ۾ بحالي“ آهي. ان جي معنيٰ اِها آهي ته جيڪو رستو هاڻ ٺاهيو ويندو، نه صرف اڳ کان مضبوط هوندو، بلڪه جيڪڏهن اُهو رستو ٻوڏ جي پاڻي جي رڪاوٽ جو سبب هو ته ان مان اِهو خطرو گهٽ يا ختم ڪيو ويندو. جيڪڏهن اهڙين ٻوڏن ۽ بارشن کان پوءِ ’ جيڪي اسڪول ۽ اسپتالون بيٺيون رهيون‘، نيون ٺهندڙ اسپتالون ۽ اسڪول پڻ ان مان سبق سِکي ان جهڙا يا ان کان بهتر ٺاهيا ويندا. اهڙي ريت دريائي يا ٻيا بند، واھ، ڊرينون ۽ پاڻي سان لاڳاپيل اڏاوتون بهتر ڪيو وينديون. پاڻي جا قدرتي لنگھه بحال ۽ ويڪرا ڪيا ويندا. ادارن جي پنهنجي صلاحيت بهتر ڪئي ويندي. بدعنواني واري هاٿي کي گهٽ ۾ گهٽ ٻڪري جيترو ڪيو ويندو. ڇا اهو ٿي رهيو آهي؟

ادارتي ۽ عبوري حڪومتي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني عام سنڌ کي ٻڌايو وڃي ته ڇا ٿي رهيو آهي. محترم نصير ميمڻ جا ٽيوٽر تي لکيل لفظ ورجايان ٿو، جيڪي هنن ڪجهه ڏينهن اڳ ٻوڏ سَٽيل علائقن ۾ وڃڻ کان پوءِ لکيا: ”ٻوڏ سٽيل ڏورانهن ڳوٺن ۾ ويو آهيان. هر هنڌ ماڻهن چيو ته ٻوڏ مھل سرڪار ڪيترائي ڏينهن نظر نه آئي. اين جي اوز، مقامي ماڻهن ۽ خيراتي ادارن ڪجهه نه ڪجهه واهر ڪئي. سرڪاري سان لاڳاپيل همراهن جا ٻوڏ وقت ڪرتوت ٻڌائي ماڻهن رت ٿي رُنا… ماڻهن جون زبانون رت سان ڀَريون پيون آهن….“

ڪيترن ئي مثالن ۽ ثبوتن مان اِهو مشاهدو هڪ حقيقت کي پيش ڪري ٿو ته اسان جا پراجيڪٽ، ڪم ۽ پاليسيون عملي طور تي غريب ۽ غير محفوظ سنڌ کي ڪجهه  ڏئي نه سگهيا آهن. جيڪڏهن ڪي سياسي سگهارا ماڻهو، طاقتور ڌريون ۽ آقائي غلامي جا قائل افسر شاهي سمجهن ٿا ته ايئن ئي ڪندا رهندا ته کين سمجهڻ کپي ته ماڻهن جي رت سان ڀريل زبان جا ڇنڊا کين رتورت ڪري ڇڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.