ادب جي آبياري ڪندڙ ”سنگت“ جو ھڪ ٿيڻ ۽ اميد

سنڌ ۾ مني صديءَ کان ادب جي  آبياري ڪندڙ سنڌ جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت “ جي ھڪ ٿي وڃڻ تي اتفاق ٿي ويو آھي.اھو عمل سنڌ جي باشعور فردن، ادب دوست ۽ سنڌ جي گھڻگھرن لاءِ ھڪ خوشي ۽ اتساھ  وارو قدم آھي.

سنڌي ادبي سنگت جي ٻن ڌڙن ۾ ھڪ ئي تنظيم ۾ گڏ رھڻ تي اتفاق ٿيو آھي. ھڪ ڌڙي جي سمورن عھديدارن ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين رضاڪاراڻي طور تي پنھنجن عھدن تان ھٿ کڻندي ٻئي  ڌڙي جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي جي سربراھي ۾ سنگت جي ايندڙ چونڊن تائين ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾  يڪراءِ ۽ متفقه طور تي فيصلا ڪري منظوري ورتي وئي، جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مشتاق ڦل واري ڌڙي جي سڀني مرڪزي عهديدارن ۽ سمورن ضلعي رابطا سيڪريٽرين جي عهدن کي ختم ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ ضم ڪيو ويو. فيصلي موجب ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي باڊيءَ جي اليڪشن مارچ 2024ع جي پهرئين هفتي ۾ ٿيندي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاخن جي حتمي لسٽ موجب گڏيل سنگت جون فائنل ٿيل 231 شاخون برقرار رهنديون، ڄاڻايل لسٽ ۾شامل 231 شاخن جا سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ئي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جا حقدار هوندا.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ ان جي مرڪزي باڊي کي هڪ ادبي سنگت سنڌ جون واڳون ڏئي کين اڳواڻ تسليم ڪيو ويو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سنڌ ڪائونسل ۾ شريڪ سمورن ڪائونسلرن ۽ سيڪريٽرين سمورن فيصلن کي متفق طور تي منظور ڪيو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي پاران ڪوٺايل سنڌ سنگت جو گڏيل اجلاس نامياري ڪالم ليکڪ ۽ سنگت شاخ سيوهڻ جي ڪائونسلر محمد خان ابڙي جي صدارت ۾ ٿيو.

اجلاس جي ڪارروائي سيڪريٽري جنرل تاج جويي هلائي.هن اسٽيج تي اجلاس جي صدارت لاءِ محمد خان ابڙي سان گڏ مھمان طور ٻئي سٿ جي اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي کي ويھاريو. سيڪريٽري جنرل تاج جويي آجياڻي واري تقرير ڪندي چيوته سنڌي ادبي سنگت سنڌ پنھنجي ادبي سفر جا 76 سال پورا ڪري رهي آهي. ان وچ ۾ اسان ڪيترا امتحان، آزمائشون ۽ انتشار جا مرحلا طئي ڪري چڪا آهيون. اڄوڪي اجلاس ۾ اسان سڀ اختلاف، غلطيون، غلط فھميون ۽ ويڇا وساري هڪ سنڌ هڪ سنگت  جي بينر هيٺ گڏ ٿيا آهيون.

ڊاڪٽر مشتاق ڦل اسٽيج تي اچي فيصلي کي قبول ڪيو، سندس چوڻ ھو تھ اڄ کان تاج جويو سمورن جو سيڪريٽري  جنرل آهي.ھن اھڙي عمل تي سمورن سنڌ واسين کي مبارڪون بھ ڏنيون ۽ اميد ظاھر ڪئي تھ تاج جويو ايندڙ چونڊون شفاف ڪرائيندو ۽ آءٌ ايندڙ چونڊن ۾ ڪنھن به عھدي تي نه بيھندس.  هن احمد سولنگي، يوسف سنڌي ۽ خاص ڪري تاج جويي ۽ انور ڪانڌڙي جا ٿورا مڃيا. ان کان پوءِ سيڪريٽري جنرل تاج جويي اجلاس آڏو آئيني ترميمون پيش ڪيون، جن کي يڪراءِ منظور ڪيو ويو.

ان وچ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ ٿيل ترميمن موجب هر شاخ جو ميمبر يا عھدي جو اميدوار ان شاخ جي شھر يا حد جو هوندو،  عھديدار لاءِ ضروري هوندو ته، هو شاخ يا سنگت جو هڪ سال ميمبر رهيو هجي. سيڪريٽري جنرل جي عھدي تي ٻه ڀيرا چونڊجڻ کان پوءِ ڪوبه اميدوار ٽيون ڀيرو بيھي نه سگهندو ۽ ان جي بيھڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سندس هڪ ڪتاب ڇپيل هجڻ لازمي هوندو. ڪا به عورت ميمبر مخصوص سيٽ کان سواءِ به سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين عھدن تي بيھڻ جي مجاز هوندي. سيڪريٽري جنرل مرڪزي آفيس لاءِ حيدرآباد شاخ جي ڪنھن به ميمبر کي آفيس سيڪريٽري مقرر ڪري سگهندو. اجلاس ۾ ٺھراءَ پاس ڪري سنڌ حڪومت ۽ سنڌي ادبي بورڊ کان ڍڳي جي مھر وارو لوگو جلد بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. پروفيسر نوتل لال جا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪرڻ، پريا ڪماري کي ڌاڙيلن کان آزاد ڪرڻ، شھيد جان محمد جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ ۽ ڪارونجهر جي نيلامي ۽ ڪٽائي وارا فيصلا ختم ڪرڻ، افغان پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

اسان سمجھون ٿا تھ ھن وقت سنڌي ادبي سنگت جو ھڪ ٿيڻ سموري سنڌ واسين جي لاءِ ھڪ بھتر فيصلو آھي.جنھن سان ادب جي ميدان ۾ اڳڀرائي ٿيندي ۽ جنھن طرح سان اڄ سنڌ مسئلن جو شڪار آھي، ان جي اپٽار ۽ حل جي لاءِ سنڌ جو اديب شعور سان ھٿياربندي ٿي ڪري سماجي جي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو.جنھن سان ورھين کان سنڌ جي مسئلن ۽ مامرن جو حل نڪري سگھي ٿو. ادب دوست ماڻھن جي لاءِ بھ ھي بھتر عمل آھي،ادب ئي ڪنھن سماج جي اصل معاملن جي تھھ تائين وڃي ان جي اپٽار ڪري اھو عوام آڏو پيش ڪري ٿو.جنھن تي سنڌ جي ھنن حالتن ۾ اڃان پڻ اضافي ذميواري پئجي رھي آھي.

سنڌ ھڪ اھڙو خطو آھي جنھن وٽ پنھنجي تھذيب ۽ ٻوليءِ آھي، ان جو آڳاٽو بنياد آھي.پر سنڌ ۽ سنڌين جي لاءِ وقت گذرڻ سان گڏ مسئلا وڌي رھيا آھن،اھڙي ماحول ۾ سنڌ جي اديبن جي قديم ۽ باشعور ماڻھن جي تنظيم جي ڌڙابندي  سان ڪنھن بھ ريت دنيا ڏانھن ڪو مثبت پيغام نھ پئي ويو. ان سان سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي آواز ۾ اھا سگھھ قائم رھڻ ممڪن نھ ھو.اميد ڪجي ٿي تھ مقرر مدي اندر چونڊن بعد نئين باڊي وري ساڳئي جذبي ۽ لگن سان سنڌ ۾ ادب جي آبياري جو ڪم سھڻي نموني ادا ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.