مختلف صوبن مان جوڙيل وفاق ۾، سنڌو درياھ طاس ( جڏھن سنڌو درياھ چئون ٿا ته ان ۾ ڪرندڙ سڀ درياھ اچي ٿا وڃن) جو پاڻي ڪنهن هڪ صوبي جي ذاتي ملڪيت نه آهي، پر اهو ملڪ جي بقا جو ضامن، هڪ قومي امانت ۽ گڏيل ورثو آهي. اهو وفاقي اصول اسان جو گڏيل معاهدو ۽ آئيني بنياد آهي پر، وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جو تازو بيان "هي اسان جو پاڻي آهي، پنجاب جي عوام جو پاڻي آهي… تنهنڪري اسان واهه ٺاهينداسين، اسان جو پاڻي اسان جي مرضي.” هي وفاقي ايڪي ۽ قومي ڀروسي جي اصول تي سڌو ۽ گهرو حملو آهي. هي بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن چولستان واهه منصوبي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان مرڪز جي سياسي ڇڪتاڻ عروج تي هئي، ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ انهيءَ خطرناڪ تڪرار کي وري جياريو آهي، جنهن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ڪجهه مهينا اڳ عارضي طور روڪي، گڏيل رضامنديءَ جي شرط رکي هئي. سنڌ صوبي جو سخت احتجاج ۽ ڪائونسل جي چٽي حڪم جي ڀڃڪڙي جي هي ڪوشش هڪ گهري اندروني بحران جي نشاندهي ڪري رهي آهي: اهو ھڪ خطرناڪ وهم آهي ته وهندڙ درياھ ۽ سندن وسيلا ماڻهن جي ٺاهيل صوبائي حدن جو احترام ڪندا.
ورهايل پاڻي ۽ عدمِ استحڪام:
وڌيڪ پاڻي نه هجڻ جي حقيقت: هن مسئلي جي سڀ کان بنيادي حقيقت اها آهي ته نئون واهه کوٽڻ لاءِ ڪو به اضافي يا واندو پاڻي موجود ئي نه آهي. اھو سڀ ڪجھه مرڪزي ادارن ۽ پنجاب جي پنھنجن انگن اکرن مان ثابت ٿي چڪو آھي۔ اڻويهه سئو اڪانوي (1991ع) جي پاڻي جي معاهدي تحت، درياھن جو پاڻي پهريائين ئي سڀني صوبن جي وچ ۾ مخصوص ۽ طئي ٿيل حصن موجب ورهايو ويو آهي. سچ ته اهو آهي ته هيٺين علائقن/ لوئر رپيرين صوبي سنڌ کي ته پنهنجي اڳ ئي موجود آبپاشيءَ جي ضرورتن لاءِ به هر سال سخت پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ اهو پنهنجي حصي جو پورو پاڻي به حاصل ڪري نه سگهندو آهي. هن کوٽ سبب لکين ايڪڙ زرعي زمينون ٽيل/پڇڙي ۾ غيرآباد ٿي رهيون آهن ۽ اسان جي ٻھراڙي گھڻ پاسائي غربت جي منهن ۾ آهي. جيتوڻيڪ مٿئين علائقي/اپر رپيرين پنجاب کي به ڪنھن حد تائين پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، پر سنڌ ۾ صورتحال ان کان وڌيڪ خراب ۽ غير يقيني آهي. ٻيو اھو ته چولستان جا اصلوڪا رھواسي پڻ خوف ۾ ورتل آھن ڇو جو سندن مطابق ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪري پنھنجا اباڻا ڪک ۽ پٽ وڃائي ويھندا۔
هن تڪرار جو اصل سبب اهو آهي ته سنڌو درياھ جو نظام مڪمل طور تي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي. درياھ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جي مقدار ۾ ذري جي به وڌيڪ ڦيرڦار يا رخ موڙڻ جي عمل سان فوري طور هيٺين علائقن جي پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويندي آهي. هي مسئلو نئون نه آهي؛ برطانوي راڄ دوران ارڙهن سئو سٺ (1860ع) جي ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين ٺهندڙ آبپاشي جي وڏي بنيادي ڍانچي جي ڪري دريا جو قدرتي وهڪرو اڳ ۾ ئي خراب ٿي چڪو آهي. انهن تاريخي منصوبن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي پهتو آهي، ۽ چولستان واهه جو هي تازو قدم ان نقصان کي ويتر وڌائي ڇڏيندو.
وجودي خطرو:
ڊيلٽا جي تباهي ۽ ماحولياتي نقصان: سنڌ لاءِ چولستان واهه جو مطلب صرف فصلن جو نقصان نه آهي، پر اها سنڌو درياھ جي ڊيلٽا (ڇوڙ وارو علائقو) جي مڪمل تباهي آهي. جڏهن درياھ جو پاڻي سمنڊ ۾ گهٽجي ويندو آهي، ته سمنڊ جو کارو پاڻي خشڪيءَ ۾ داخل ٿي زرخيز زمينن کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي هن عمل کي کاري پاڻي جو چڙهڻ/ سي واٽر انٽروشن چيو ويندو آهي. پاڻي جو وهڪرو گهٽجڻ سبب سنڌو جي عاليشان ڊيلٽا جيڪو پاڪستان کي عالمي طور ممتاز بڻائي ٿو، تيزيءَ سان پنھنجي وجود کي گھٽائي رهي آهي، جنهن ڪري سامونڊي پٽي ۾ رهندڙن جا روزگار خاص ڪري مڇي مارڻ جو ڪم تباهه ٿي رهيا آهن، ۽ لکين ماڻهن لاءِ خوراڪ جي اڻپورائپ (فُود اِن سڪيورٽي) وڌي رهي آهي. هي عمل اسان جي قومي اثاثن/وسيلن کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيو آهي، جنهن ۾ مينگرووز/تمر جا ٻيلا به شامل آهن، جيڪي سامونڊي طوفانن جي خلاف قدرتي بچاءُ جو ڪم ڪندا آهن. ھي ھڪ اھڙو سائنسي ۽ دنيا ۾ ثابت ٿيل سچ آھي جنھن تي دنيا ۾ ڪا ٻي راءِ ڪونھي، سواءِ نه مڃڻ واري ھوڏ جي! اسان جون پنھنجي ملڪي رپورٽون ۽ عالمي ادارن جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته ھر سال ڊيلٽا جي تباھي جي ڪري پاڪستان کي پنج سو ستر اربن جو نقصان ٿي رھيو آھي! پاڪستان پيپلز پارٽي کي گھرجي ته مرڪزي سياستدانن ۽ پنجاب جي حڪمرانن کي سنڌ جي سامونڊي ضلعن جو سير ڪرائي ته جيئن ھو ڏسن ته 1940 تائين ھي خوشحال لاڙ ۽ سامونڊي علائقو، پاڪستان جو غريب ترين ۽ پوئتي پيل علائقو ڪيئن ٿيو آھي!
وفاقي ايڪي جو امتحان ۽ قانوني گهرجون:
درياھي پاڻي تي حقَ صرف مٿئين علائقي جي طاقت يا اختيار جي بنياد تي نه ٿيندا آهن، بلڪه اهي عالمي اصولن موجب انصاف ۽ مناسب ورڇ تحت سمورن هيٺين علائقن لاءِ ضروري آهن. پاڪستان جو آئين پاڻي جي انتظامي ورڇ کي وفاقي ادارن جي حوالي ڪري اهو يقيني بڻائي ٿو ته ڪو به صوبو گڏيل وسيلن تي پاڻ ئي منصف ۽ فيصلو ڪندڙ نه بڻجي. پنجاب تي، هڪ مٿئين علائقي واري ۽ وڏو صوبو هجڻ جي ناطي، هڪ اخلاقي ۽ قانوني ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهو پنهنجي اختيار کي هيٺين صوبن جي استحصال لاءِ استعمال نه ڪري.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حڪمن تي فوري طور عمل ڪيو وڃي:
منصوبي کي مڪمل طور تي روڪيو وڃي، ۽ سڀني ڌرين جي وچ ۾ شفافيت، انصاف ۽ باهمي رضامندي جي بنياد تي ڳالهين جي شروعات ڪئي وڃي. پنجاب کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته حقيقي ترقي صرف پائيدار حلن ۾ لڪل آهي جهڙوڪ واهن جي اڏاوتي ڪمزورين کي گھٽائڻ، زمينن کي سڌو ڪرڻ، پائيداري جي اصولن تي ڪم ڪرڻ ۽ جديد آبپاشي جي طريقن کي اپنائڻ، جنهن سان پاڻي جو رستي يا ٻني ۾ ٿيڻ وارو زيان گهٽجي سگهي ٿو ۽ سڄي پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ زمين بھتر ڪري اپت کي تقريباً ٻيڻو ڪري سگھجي ٿو؛ بھتر ٻج ۽ ڀاڻ ۽ گھٽ پاڻي واپرائيندڙ پر وڌيڪ اپت ڏيندڙ ورائٽيون ھارين ۽ آبادگارن تائين پھچائي سگھجن ٿيون . ھي وقت آهي ته اسان ڇڪتاڻ کي پاسيرو ڪندي وفاقي ايڪي ۽ ٻڌي کي ترجيح ڏيون. تڏهن ئي سنڌو درياھ پنهنجي فطري حالت ۾ آزاديءَ سان، انصاف سان، ۽ اسان سڀني لاءِ وهي سگهندو. پاڪستان جي ماحولياتي بقا ۽ پائيدار ترقي لاءِ اھو اڻٽر آھي۔