فلپائن ۾ شديد زلزلو، ڪيتريون ئي عمارتون پٽ، 69 ڄڻا اجل جو شڪار

منيلا (ويب ڊيسڪ) فلپائن ۾ شديد زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 69 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي جو مرڪز پالمپون صوبي جي اولهه حصي ۾ هو ۽ ان جي زمين ۾ 10 ڪلو ميٽر اونهائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جي شدت 6.9 هئي.
مقامي اختيارين ٻڌايو ته لوڏا اڱاري جي رات تقريبن 10 وڳي محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون ۽ فوري طور امدادي آپريشن شروع ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.
اختيارين طرفان فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ڇو ته اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.