سنڌ لاءِ فنڊ ناهن يا وري ڪا ٻي نيت؟

غلام حسين لغاري

ڪجهه حلقن مان خبرون مليون آهن ته سنڌ ۾ قائم مک اهم نوعيت وارن وفاقي زرعي ادارن کي ختم ڪرڻ جي هڪ منظم سازش ٿي رهي آهي جيڪي هن وقت مالي بحران ۾ مبتلا هجڻ ڪري پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن، جنهن سان سنڌ زرعي و معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسجڻ وڃي رهي آهي.خدا نه ڪري جيڪي اهي ادارا پنهنجو وجود وڃائي ويٺا ته سنڌ ۾ بيروزگاري ته پنهنجي جاءِ تي ڪر کڻندي پر سنڌ سائنسي طور تي ٿيندڙ زراعت کان به سخت متاثر ٿيندي جو زرعي پئداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو، جنهن لاءِ سنڌ جي سياسي سماجي حلقن ۽ آبادگار تنظيمن کي پنهنجو اثر ڏيکارڻ آواز اٿارڻ ۽ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.نگران حڪومت کي به هن ڏس ۾ نوٽيس وٺڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙيون حقيقتون ۽ مجبوريون هيون جو ماضي جي حڪومتن هنن ادارن جي مالڪي نه ڪئي.

هونئن ته سنڌ ۾ زرعي کوجنا ڪندڙ پنهنجا سنڌ جا به ڪافي ادارا آهن جيڪي به پنهنجي وس آهر کوجنا واري ڪم ۾ رڌل آهن پر وفاقي ادارا قيام پاڪستان کان وٺي سنڌ ۾ قائم ڪيا ويا هئا ته جيئن سنڌ جي آبادگارن جي پوري ريت رهنمائي وسيلي غيرآباد زمينن کي آباد سگهجي ۽ وفاقي ادارن مثالي ڪردار به ادا ڪيو جنهن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. هن وقت پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ( پي اي آر سي) ،پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي ( پي سي سي سي) ۽ ڊرينيج ريڪليمينشن پاڪستان ( ڊرپ ) ٽنڊوڄام ، نيا ٽنڊوڄام مک ادارا آهن جيڪي ورهين کان سنڌ ۾ زراعت جي وڌاري لاءِ ڪم پيا ڪن جن جو ڪردار ڪنهن کان به لڪيل ناهي جو هنن ادارن جي سائنسدان ۽ ماهرن سنڌ کي ڪمند ڪپهه ڪڻڪ ۽ سارين سميت مختلف فصلن، ساين ڀاڄين، ميوون جون وڌيڪ پئداوار ڏيندڙ جنسون مهيا ڪيون جنهن سان سنڌ زرعي پئداوار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهي آهي.

ڪجهه ڏينهن کان منظرعام تي خبرون هلي رهيون آهن ته پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي ( پي سي سي سي ) جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سائنسدانن ۽ ٻين ملازمن کي جن ۾ بيواھون،يتيم غريب شامل آھن تن کي گذريل 17 مهينن کان پگهارون ۽ پينشن پوري ريت سان  اها به وقت سر نٿي ملي جنهنڪري خاندانن جا خاندان بکون ڪٽي رهيا آهن۔ پي سي سي سي وفاقي ادارو آهي جيڪو سنڌ ۾ ڪپهه جي معياري جنسن جي ايجاد تي ڪم ڪري رهيو آهي.هي ادارو پهريان 1923 ۾ انڊين سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي طور وجود ۾ آيو هو ۽ جڏهن پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو ته پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي ۾ تبديل ٿيو جيڪو وفاقي وزارت زراعت جي ماتحت رهيو.ڪجهه سالن کان وفاقي وزارت نيشنل سيڪيورٽي ۽ ريسرچ تحت ڪم ڪري رهيو آهي.بدقسمتي اها آهي جو جڏهن هي ادارو وزارت زراعت سان هو ته انجي ڪارڪردگي مثالي هئي پر هن وقت اها متاثر ٿي چڪي آهي جو هي وزارت اداري کي مثالي بڻائي ناهي سگهي.هاڻ ته هن اداري جو حاضر سروس سائنسدان توڙي ننڍو ملازم مايوسي جو شڪار هجڻ ڪري سندن ۾ تحقيقي صلاحيتون گهٽجي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ هن اداري جي صلاحيت متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن يا اڳتي هلي هي ادارو سنڌ ۾ بند به ٿي وڃي.

پي سي سي سي ملڪ کي معاشي طور مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي سائنسدانن ۽ ماهرن سميت اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي وساري نٿو سگهجي۔وفاق ۽ صوبن ۾ جتي هر سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن وقت سر ملي رهي آهي، اتي هن اداري سان جٺ ۽ نا انصافي سمجهه کان ٻاهر آهي۔آخر پگهارن ۽ پينشن کان محروم ملازم ڪيڏانهن ويندا ڪيترو وقت بکئي پيٽ رهندا۔شادي غمي علاج جو ڪيئن منهن ڏيندا هوندا۔خبر ناهي ته وفاقي سرڪاري ادارن جون تنظيمون ڪهڙي سبب خاموش آهي جو هن ڳبڀير مسئلي تي رڙي به نٿيون سگهن۔

اهي به خبرون آهن ته وفاقي سرڪار ارڙهين ترميم ۽ بجيٽ جي کوٽ وارا سبب ڄاڻائي سنڌ مان وفاقي ادارن جي تڏا ويڙهه ڪري سنڌ ۾ بک بيروزگاري آڻڻ چاهي ٿي جنهن جي پهرين شروعات ڊرپ ٽنڊوڄام کان شروع ٿي هئي، هاڻ پي سي سي سي جو وارو آهي۔ڊرپ ٽنڊوڄام مان ماهر آفيسر جيئن جيئن بدلي يا رٽائر ٿي رهيا آهن تن جو پوسٽون سالن کان نٿيون ڀريون وڃن ۽ اهي سالن کان خالي پيل آهن۔ڊرپ جي ڊئريڪٽر جنرل ۽ ڊئريڪٽر واريون مک پوسٽون به خالي پيل آهن جنهنڪري ڊرپ جو ڪم متاثر آهي. آبادگارن کي ڪنهن به قسم جي هاڻ مدد نٿي ملي۔وفاق جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندڙ ڊرپ سنڌ ۾ زير زمين مٺي پاڻي لاءِ سروي ڪئي ۽ زير زمين ڪڙي زهريلي پاڻي جي نشاندهي ڪري انجي خاتمي لاء وڏو ڪم ڪيو ۽ آبادگارن جي مدد به ڪئي.ڊرپ وٽ مٺي ۽ کاري پاڻي جي نشاندهي ٿيل نقشا پڻ موجود آهن جن وسيلي آبادگار کيتي ٻاڙي ڪن ٿا. شايد هاڻ وفاق کي سنڌ ۾ زرعي شعبي کي اڳتي جاري رکڻ جي نيت ناهي جو ڊرپ بعد هاڻ پي سي سي سان به ساڳيو سلوڪ ٿي رهيو آهي جنهن کي پگهارن ۽ تحقيق جي مد ۾ ضروري فنڊ مهيا ٿي ناهن رهيا۔

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا چونڊيل نمائندا اسلام آباد ۾ سالن کان اسيمبلين ۽ وزارتن ۾ ويٺل رهيا تن به هن ڏس ۾ آواز ڪونه اٿاري سگهيا ۽ سنڌ کي ڳنڀير مسئلن طرف ڌڪيو۔اهو به لازمي ناهي ته ارڙهين ترميم بعد وفاق سنڌ ۾ هلندڙ زرعي رٿائن کان هٿ کڻي وڃي۔ اهي به خبرون ٻڌڻ ۾ پيون اچن ته اتي هلي هن ادارن کي بند ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن بند ٿيا ته تباهي وارو انقلاب ايندو۔ڪپهه وسيلي حاصل ٿيندڙ پرڏيهي ناڻو گهٽبو ۽ غربت جو هڪ طوفان اٿندو جنهن کان بچڻ لاء وفاق کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا۔پي سي سي سي جو ادارو جڏهن قائم ٿيو هو ته انوقت وفاقي وزارت زراعت جي ماتحت هو ۽ هڪ ڪامياب اداري طور اڀريو هو پر جڏهن کان ادارو وزارت نيشنل سڪيورٽي ۽ ريسرچ جي ماتحت ٿيو آهي تڏهن کان مختلف مسئلن جو شڪار ٿيو آهي ۽ اداري کي مالي بحران طرف ڌڪيو ويو آهي۔پي سي سي سي ملڪ کي ڪپهه جو بهترين ڊگهي تاندوري واريون جنسون ڏنيون ۽ ڪپهه جي پئداوار وڌي پرڏيهي ناڻو به وڌيو جنهن سان معاشي حالتون بهتر ٿيون۔

ڪپهه سنڌ جو تاريخي فصل آهي جيڪو صدين کان پوکبو پيو اچي. سنڌ جي ڪپهه جو تاندورو به نرم ۽ اوڍڻ لاءِ وڌيڪ موزون آهي، جنهن جي پرڏيهي واپار سان سنڌ ۽ ملڪ کي ناڻو ملي ٿو۔جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪپهه جي فصل جي پوکي ۾ رڪاوٽون پيون ته معاشي تباهي ايندي جنهن جو ازالو ڪرڻ مشڪل ٿيندو ۽ سنڌ ۾ غربت بيروزگاري ڪر کڻندي۔پي سي سي سي کي وڌائڻ گهرجي ته جيئن ڪپهه جي صنعت کي هٿي ملي سگهي۔جيڪڏهن هن اداري کي نوان سائنسدان نوان ماهر ۽ ملازم ڏئي نٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ موجوده ملازمن ۽ پينشرن کي ته وقت سر ادائگيون ڪيون وڃن۔

سنڌ ۾ هن وقت نيا ٽنڊوڄام  هڪ مضبوط ترين زرعي تحقيقي ادارو آهي جيڪو زرعي سائنسدانن جي مضبوط ٽيم  تي ٻڌل آهي جنهن سنڌ کي ڪپهه سميت مختلف فصلن جون وڌيڪ پئداوار ڏيندڙ جنسون ڏنيون آهن جيڪي هن وقت آبادگارن ۾ مشهور آهن جيڪي پوکي هيٺ اچن ٿيون جو هنن جنسن جي پئداواري صلاحيت وڌيڪ آهي ۽ آبادگار انهن تي اعتماد ڀروسو رکن ٿا.هي ادارو آبادگارن جي زمينن تي پنهنجا تحقيقي پلاٽ رکي ٿو جنهن سان آبادگارن کي مثبت ڄاڻ ملي ٿي رهنمائي ٿئي ٿي.جيئن ته هن اداري جي مک آفيس ٽنڊوڄام ۾ آهي تنهنڪري اتي اتر سنڌ جي آبادگارن کي پهچڻ ۾ ڪجهه ڏکايون ٿين ٿيون تنهنڪري هن اداري جون به سب اسٽيشن ٺٽو ۽ سکر ۾ قائم ٿيڻ گهرجي ته جيئن لاڙ ۽ اتر جي زمينن ۽ آبهوا پٽاندڙ زرعي کوجنا ٿي سگهي.هي واحد ادارو آهي جتي ميرٽ ۽ تجربي تحت سائنسدان مقرر ڪيا وڃن ٿا جن کي سموريون سهولتون ميسر رهن ٿيون.

پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي ) جو به سنڌ ۾ سٺو نيٽ ورڪ آهي پر انجي افاديت هوندي به انجا نتيجا اهي نٿا نڪرن جنهن سان سنڌ جي زراعت تي هائوڪاري اثر پون. ٺٽي ضلعي  ۾ ڪمند بابت مرڪزي ادارو ڪم ڪري رهيو آهي.هن اداري جو سربراهه جڏهن مرحوم ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريو صاحب هو ته تڏهن ڪمند جي جنس ٺٽو ڏهه سامهون آئي هئي جنهن شهرت ماڻي هئي.ڪيلي بابت به سب اسٽيشن قائم آهي ڪيلي جون جنسون به ايجاد ٿيون پر هاڻ هن اداري  جي اها افاديت ناهي رهي جو ڪمند يا ڪيلي جي ڪا نئين جنس سامهون اچي سگهي.سنڌ جو ڪيلو هن وقت مختلف بيمارين جو شڪار آهي جيڪو ٻاهرين ملڪن ڏانهن گهٽ امپورٽ ٿئي ٿو

.ڪوٽڏيجي ۾ کجي تي تحقيق لاءِ هن اداري جي سب اسٽيشن هئي جيڪا هاڻ خيرپور يونيورسٽي ۾ ڪنهن هڪ اڌ ڪمري تائين محدود رهي آهي تنهن جي به ڪا افاديت ناهي رهي.خيرپور سنڌ جو اهو واحد علائقو آهي جتي کجي جا وڏي انگ ۾ باغات آهن ۽ کجي تي تحقيق جي سخت ضرورت آهي جيڪا پوري ريت نٿي ٿئي تنهنڪري هتي به توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. عمرڪوٽ ۾ هن اداري ايرڊ زون اسٽيشن قائم ڪئي آهي جيڪا باراني فصلن ۽ واري واري زمين تي ٿيندڙ فصلن بابت تحقيق ڪري رهي آهي.هي اسٽيشن به آبادگارن کان انهي ڪري اوجهل آهي جو هن اسٽيشن تي ٿيندڙ زرعي تحقيق ۽ زرعي سرگرميون آبادگارن جي پهچ کان پري آهن.پي اي آر سي هن وقت فنڊن جو زيان پئي ڪري.جيڪڏهن اهڙو سلسلو جاري رهيو ۽ تحقيقي ڪم ۾ گهٽتائي ٿي ته هي ادارو به شايد سنڌ مان پنهنجا ٽپڙ ويڙهي ويهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن وفاقي زرعي ادارن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن سائنسدانن ۽ ماهرن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي۔ادارن کي بند ڪرڻ جو سوچڻ نه گهرجي بلڪه ادارن کي مستحڪم ڪرڻ گهرجي.ڊرپ کي ٻيهر هلائڻ لاءِ اتي سائنسدانن ۽ ملازمن جون خالي پيل پوسٽون فوري طور ڀريون وڃن.پي سي سي سي ۽ پي اي آر سي ۾ به ساهه ڦوڪيو وڃي جنهن سان ملڪ زرعي ترقي ماڻي خوشحالي جا در کولي سگهجن جنهن لاءِ ادارن کي فنڊ ڏيڻ سان گڏ انهن جي صحيح استعمال سميت ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن وقت سر ڏيڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ ورتا وڃن.ادارا آهن ته ملڪ آهي جن لاءِ مثبت قدم کڻڻ وفاق جو فرض آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.