لاهور (م ڊ) ايف آءِ اي اميگريشن بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي دبئي ويندي لاهور ايئرپورٽ تي روڪي ورتو ۽ کيس اينٽي ڪرپشن کاتي حوالي ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خاور مانيڪا پرڏيهي ايئر لائينز جي اڏام ذريعي دبئي وڃي رهيو هو، نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل هئڻ سبب کيس روڪيو ويو. خاور مانيڪا خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڪيس داخل ڪيل آهي. خاور مانيڪا کي لاهور ايئرپورٽ تي موجود اينٽي ڪرپشن جي ٽيم حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي پنجاب جي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خاور مانيڪا کي سرڪاري زمين تي ناجائز تعمير جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس خلاف ڊپٽي ڪمشنر جي ريفرنس تي انڪوائري ڪري رهيا آهيون. ڊي سي ريفرنس ۾ چيو آهي ته خاور مانيڪا قبرستان جي جڳهه تي غيرقانوني شادي هال تعمير ڪيو، ان تي اهو به الزام آهي ته هن قبرستان جي زمين تي غيرقانوني 26 دڪان به تعمير ڪيا، شادي هال بغير منظوري نقشه قبرستان جي 4 ڪينال ايراضي تي ٺاهيو ويو. خاور مانيڪا هڪ عرصي کان پير اسلام قبرستان حويلي لکرائي زخمين تي ناجائز قبضو ڪيو آهي، هو ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.