بلديا سانحو، جوابدارن جا بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بلديافيڪٽري سانحي ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار حماد  صديقي، پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ ملوث تقي حيدر ۽ خرم نثار جي پرڏيهه مان واپسي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جوابدارن جا بئنڪ اڪائوئنٽس بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت وفاقي گهروکاتي جو سيڪريٽري پيش ٿيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته حماد صديقي کي پرڏيهه مان واپس آڻڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، عدالت وفاقي گهروکاتي جي سيڪريٽري چيو ته انٽرپول جي رپورٽ آهي ته حمادصديقي 2017ع ۾ ابوظهبي مان هليو ويو آهي، جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڇا حماد صديقي بلديه سانحي ڪيس جو ٽرائل شروع ٿيڻ کان اڳ ابو ظهبي مان هليو ويو هو، وفاقي گهروکاتي جي سيڪريٽري نديم محبوب چيو ته حمادصديقي 2013ع ۾ پاڪستان کان پرڏيهه هليو ويو هو، جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي رمارڪيس ۾ چيو ته ڪهڙو به شهري پرڏيهه ويندو آهي ته پاسپورٽ تي اميگريشن واري پنهنجي مهر لڳائيندا آهن، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته پوءِ حماد صديقي جي پاسپورٽ تي مهر لڳي هوندي، عدالت چيو ته ڇا حماد صديقي جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي، گهروکاتي جي سيڪريٽري چيو ته حماد صديقي جي پاسپورٽ  جو مدو ختم ٿي ويو آهي، عدالت تقي حيدر ۽ خرم  نثار جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.