قاضي احمد (رپورٽ:مومن جوڻو ) قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد مشاخ شاخ جي ڳوٺ عمر جوڻو وٽان اغوا ٿيل ٺاروشاھ واسي مغوي محمد سومر لاڙڪ جي اغوا واري واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آھي مختلف هنڌن تي پوليس جا ڇاپا 15 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊي ايس پي قاضي احمد جي سربراھي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم قاضي احمد لاکاٽ ناصري کاھ پوليس جو ناصري لڳ ڳوٺ نظر محمد شاھ ۾ ڳجھي اطلاع تي چڙھائي ڪري ڇاپو ھڻي مغوي سومر لاڙڪ کي پھرين ڏينهن اغوا واري واردات دوران مذڪوره ڳوٺ ۾ ترسائڻ جي مليل اطلاع تي ڇاپي دوران چار عورتن پنج مرد کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته گرفتار ٿيل مبينا جوابدارن جي نشادھي تي پوليس اٽالن حيدرآباد جي ھڪ ھنڌ تي ڇاپو ھڻي گرفتاريون ڪيون آھن پر پوليس ڪاروائي دوران مغوي هٿ نه اچي سگهيو، پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته موبائل فون جي ٽريسنگ تحت جوابدارن جي ويجھو پھچي ويا آھيون شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل مبينا جوابدارن جا نالا نه ٿا ٻڌائي سگهون.