اسلام آباد(م ڊ)پنجاب جي شهر بهاولپور ۽ ملتان ۾ به انجيڪشن کان اکين جو نور متاثر ٿيڻ جا ڪيس سامهون آيا آهن، بهاولپور ۾ متاثر شخص ٻڌايو ته 21 سيپٽمبر تي نجي اسپتال مان انجيڪشن لڳائي هئي جنهن کانپوءِ اکين جو نور هليو ويو،ملتان ۾ وڌيڪ مريضن جا ڪيس سامهون آيا آهن، واضح رهي ته پنجاب ۾ جعلي انجيڪشن لڳڻ سان اکين جو نور متاثر ٿيڻ جا هيل تائين 68 مريض سامهون اچي چڪا آهن، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ( ڊريپ ) صوبائي ڊرگ اڳواڻن سيمت لاهور ۾ ميڊيسن ڊسٽريبيوٽر تي چاپو هنيو ايوسٽين انجيڪشن وڪري ڪرڻ کان روڪيو ويو . ڊريپ اڳواڻن موجب روشن فارما جي ڊسٽري بيوٽرز اي جي اينڊ ڪمپني تي چاپو هنيو . ڊسٽري بيوٽرز جي دفتر مان ايوسٽين انجڪشن جون 110 وائلز بر آمد ڪيون بر آمد ڪيل انجيڪشن جا سمپل ڊرگ ٽيسٽنگ ليب لاهورموڪليون ويون آهن .