ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته اليڪشن کان اڳ دما دم مست قلندر ٿيندو، ڪي ٻاهر هوندا ۽ ڪي جيل ۾ هوندا. هن چيو ته پ پ کي اڳ به امپائر جي ضرورت نه هئي ۽ نه هاڻي ضرورت پوندي، اسان جو امپائر عوام آهي ۽ انهن جي ووٽن سان حڪومت ايندي آهي، امپائر پي ٽي آءِ چيئرمين جو ايجاد ڪيل لفظ آهي. منظور وساڻ چيو ته امپائر ڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين کي وزيراعظم بڻائي ٿو ته ڪڏهن جيل ۾ وجهي ٿو، پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته چونڊون وقت تي ٿين ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته اليڪشن دير ٿيڻ گهرجي، جيل وڃڻ نئين ڳالهه نه آهي.