ڪراچي ۾ ڦورو گينگ سرگرم، هڪ ڏينهن ۾ 20 شهرين کان ڦر

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڇلاوا  گينگ هڪ ئي ڏينهن ۾ 20 شهرين کان ڦر لٽ ڪئي وئي، چور نديي ڪچي رستي کان اچي روڊ تي ناڪو لڳائي ڦر لٽ جو وارداتون ڪري رهيا آهن، ڦورن جي وارداتن دوران فائرنگ واري  جي سي سي ٽي وي فوٽيج به منظر عام تي اچي ويا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڦورو شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو ۽ مزاحمت تي انڌاڌنڌ فائرنگ پڻ ڪئي، جڏهن ته شهرين کي يرغمال بڻائي بدترين تشدد پڻ ڪيو ويو، شهرين جو چوڻ هو ته ڦورو  ندي جي ڪچي رستي کان اچي ناڪو لڳائي وارداتون ڪندا آهن، شهرين جو چوڻ هو ته جوابدار واردات ڪرڻ بعد ندي واري رستي ذريعي فرار ٿي ويندا آهن، هڪ مهيني دوران سوين شهرين کان ڦر لٽ ڪئي وئي آهي، جوابدارن رات دير سان ٽن ڪار سوارن کي ڦر ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته روڊ جي حالت خراب آهي ۽ وقت تي پهچڻ مشڪل آهي، هي گروهه مهيني ۾ هڪ ڀيرو واردات ڪندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.