ڪوٽڏيجي (رپورٽ:ثناءُ الله بگٽي ) ڪوٽڊيجي ڀرسان شادي شده عورت مسمات حميدان ٻرڙو جو پنهنجي والد جي گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ، ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ خانڻ ٻُرڙو ۾ 19 ورهين جي مسمات حميدان زال سليم ٻرڙو جو پنهنجي والد جي گهر گهر مان لاش مليو، وارثن ناري کي کڻائي سول اسپتال خيرپور پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ناري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جي رپورٽ موجب ناري کي ٽي گوليون لڳل آهن ھڪ گولي سيني ۾ ۽ ٻه گوليون پيٽ ۾ لڳل آھن ان کان علاوه مٿي ۾ به ڌڪ جا نشان آهن، پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته حميدان ٻرڙو ڪمري ۾ پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي پر خودڪشي لڳي نه ٿي، ناري کي جهڙي نموني سان گوليون لڳل آهن قتل ٿو لڳي جاءِ وارڌات تي پهچي پسٽل هٿ ڪري ورتو آهي، مختلف رخن کان جاچ ڪيون پيا، علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري کي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻائي گوليون هڻي قتل ڪري خودڪشي ڪرڻ جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي.