اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ معاملا اڃان مڪمل طور حل نه ٿيا آهن، جڏهن ته شهباز شريف سخت پيغام کڻي لنڊن پهتو پر نواز شريف کي موقف ۾ نرمي آڻڻ تي قائل نه ڪري سگهيو آهي. نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته اسٽيبلمينٽ اڃان تائين نواز شريف کي وطن اچڻ ۽ وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ڪليئرنس نه ڏني آهي. ان جي ابتڙ کيس دٻيل لفظن ۾ اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته پنجاب ڀلي مريم نواز حوالي ڪيو پر وزيراعظم شهباز شريف کي نامزد ڪيو. ان صورتحال ۾ شهباز شريف جڏهن پيغام کڻي پهتو ته نواز شريف کي اهو شڪ ٿيو ته شايد سندس ڀاءُ اصل ۾ پاڻ وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو. ان ڪري نواز شريف پاڻ سان گڏ شهباز شريف کي ويهاري ساڳو موقف ورجايو، هاڻي (ن) ليگ اڳواڻن ۾ به نواز شريف جي موقف تي ڪافي خدشا آهن. ڪجهه سينيئر اڳواڻن جو خيال آهي ته مشڪل سان اسٽيبلشمينٽ سان معاملا بهتر ٿيا آهن، ان ڪري وري جهيڙو نه ڪرڻ گهرجي. ان صورتحال ۾ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا (ن) ليگ هڪ پارٽيءَ جي حيثيت ۾ نواز شريف جي موقف سان گڏ بيهي ٿي يا صورتحال ڪو نئون رخ اختيار ڪري ٿي، نواز شريف وڏي جوا کيڏي رهيو آهي، ڏسڻو اهو ته ڪامياب ٿئي ٿو يا ڪو نئون رستو اختيار ڪري ٿو.