اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ بيدردي سان مڙس هٿان قتل ٿيل ساره انعام ۽ دوست جي هٿان قتل ٿيل نور مقدم جي وارثن عدالتن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نور مقدم جي والد شوڪت مقدم جو چوڻ هو ته ساره انعام کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ان واقعي بعد مان ۽ گهرواري انعام جي گهر وياسين جنهن تڪليف کان هي گذري رهيا هئا اسان کي اندازو هو، هن چيو ته اسان انصاف جي لاءِ عدالتن ۾ وياسين، عدالتن ۾ ڊگهو ٽرائل هليو، چيو ويو ته اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، اسان کي چيو ويو ته فيئر ٽرائل ٿيندو، 24 فيبروري 2022 تي منهنجي ڌيءَ جي قاتل کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ويو ته نور جي قاتل کي ٻه ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي وئي، هن جو چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق موت جي سزا ٻڌائي، هاڻ منهنجي ڌيءَ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي، گذارش آهي ته سپريم ڪورٽ جلد کان جلد هي ڪيس ٻڌي، اهڙي طرح جا ڪيس سالن جا سال لٽڪندا رهيا ته ماڻهن جو اعتبار کڄي ويندو ۽ ساره جو ڪيس ٻڌو ته جيئن ان جي خون سان انصاف ٿي سگهي، ساره ۽ نور مقدم جا وارث پريس ڪانفرنس ۾ انصاف ۾ دير جو ذڪر ڪندي روئي ويٺا، مڙس هٿان قتل ٿيل ساره جي والد انعام الرحيم جو چوڻ هو ته منهنجي ڌيءَ جي قتل کي هڪ سال ٿي ويو پر هڪ سال منهنجي زندگي جو سڀ کان مشڪل سال هو، ڪڏهن سوچو نه هو ته هڪ سال ايترو ڏکيو گذرندو، اسان کي بعد ۾ خبر پئي ته منهنجي ڌيءَ سان ڇا ڇا ٿيندو رهيو، شاهنواز ساره کان لکين رپيا ڦريا، هي سڀ 10 هفتن جي اندر ٿيو، جج صاحب کي اپيل آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي ختم کي ختم ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.