ٽوڪيو(م ڊ) جاپان جي پرڏيهي وزير ڪاميڪا وايوڪو گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو ايٽمي تجربن تي جامع پابندي جي معاهدي سي ٽي بي ٽي کي فوري طور تي لاڳو ڪن. جاپان جي خابرو اداري مطابق جاپان جو پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي صدر آفيس ۾ سي ٽي بي ٽي جي لاڳو ڪرڻ ۾ سهولتڪاري بابت پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ تقرير ڪري رهيو هو. ڪاميڪاوا اجلاس کي ٻڌايو ته جي سيون گروپ جي اڳواڻن مئي ۾ هيروشيما سربراهي اجلاس ۾ ايٽمي هٿيارن جي خاتمي بابت پنهنجي هيروشيما ويزن ۾ ان معاهدي جي توثيق ڪري چڪي آهن، جيتوڻيڪ آمريڪا، چين، ايران ۽ ٻين ملڪن طرفان توثيق نه ڪرڻ جا سبب نه ٻڌايا ويا آهن ۽ نه ئي لاڳو ڪيو آهي.
سنڌ ۾ چپ تعزين جي گذر گاهن جي جلوسن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجه سنڌ پوليس کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته سڄي صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ 08 ربيع الاول جي روز برآمد ٿيڻ وارا چپ تعزين جي گذر گاھن جي جلوسن جي روٽن ۽ مرڪزي اجتماع گاهن جي سڪيورٽي انتظامن کي غير معمولي بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ مجموعي طور تي پوليس ڊپلائمنيٽ کي بريفنگ جي عمل کي به يقيني بڻايو وڃي، ضلعي سطح تي مجموعي طور تي ڊيپلائيزيشن کي ذميواري جي حوالي سان بريفنگ ضروري ڏني وئي.
سعودي پرڏيهي وزير پاران عالمي بحرانن جي پرامن حل تي زور
رياض(م ڊ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران عالمي بحرانن جي پرامن حل تي زور ڀريو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي پرڏيهي وزير شام، يمن، لبنان، عراق، ليبيا، يوڪرين ۽ سوڊان جي تڪرارن ۽ بحرانن جي حل لاءِ زور ڀريو. هن چيو ته سعودي عرب هميشه کان امن سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. سعودي عرب گڏيل قومن جي ميثاق ۽ عالمي قانونن جي پاسداري تي زور ڀري ٿو. هن چيو ته ملڪ 2030ع ۾ ايندڙ نسلن جي خواهشن کي سامهون رکندي تعمير ۽ ترقي جا هدف تيار ڪيا آهن.
حڪومت مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ چاهي ٿي: شمشاد اختر
اسلام آباد(م ڊ) ناڻي بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته حڪومت مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ، توانائي جي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، معيشت جي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومتي ملڪيتي ادارن جي شفافيت ۽ گورننس ۾ بهتري ضروري آهي. گذريل ڏينهن ناڻي وزارت جي آفيشل اڪائونٽ تي جاري ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي بابت نگران وزير سان ڪراچي ۾ پي بي سي جي وفد ملاقات ڪئي.ملاقات دوران وفد طرفان نگران حڪومت جي اسمگلنگ جي روڪٿام، ايڪسچينج کي درست راهه تي آڻڻ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سهڪار جي حوالي سان ڪيل ڪاوشن کي ساراهيو. ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته مضبوط معيشت لاءِ حڪومت ٽيڪس بيس کي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن رياستي ملڪيتي ادارن ۾ شفافيت ۽ گورننس کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان معاشي خوشحالي ممڪن آهي
پيڪا ايڪٽ تحت گرفتار صحافي خالد جميل جو جوڊيشل رمانڊ
اسلام آباد (م ڊ) پيڪا ايڪٽ تحت گرفتار صحافي خالد جميل کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو، نجي ٽي وي چينل سان تعلق رکندڙ اسلام آباد جي صحافي خالد جميل کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيسن جج مريد عباس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، خالد جميل جي طرفان ايڊووڪيٽ نويد ملڪ پيش ٿيو، ڪي جي دوران ايف آءِ اي جي طرفان وڌيڪ 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، ايف آءِ اي جي طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته صحافي خالد جميل جي ايڪس اڪائوٽ مان وڌيڪ تفصيل حاصل ڪرڻا آهن، خالد جميل جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته صحافي جي ايئن گرفتاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي، ڪيس ٻڌڻي بعد عدالت ايف آءِ اي جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي خالد جميل کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيو.