سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)سعودي عرب ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، ڇا پاڪستان به اسرائيل  کي تسليم ڪندو؟ نامياري صحافي عاصمه شيرازي  جو چوڻ آهي ته پاڪستان تي وڏي عرصي کان دٻاءُ آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪيو وڃي، هڪ ڀيرو  اهڙو اظهار اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر)  قمر جاويد باجوه به صحافين سان ملاقات ۾ اظهار ڪيو هو ته هڪ عرب  ملڪ کيس  چيو هو ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪري ته معاشي بدحاليءَ  مان به نڪري سگهي ٿو ۽  ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، تازو اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن دعويٰ ڪئي آهي ته 6 کان 7 مسلم ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارا آهن، ان دعويٰ کانپوءِ سعودي شهزادي محمد بن سلمان به عالمي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اهو تسليم ڪيو آهي ته هر گذرندڙ ڏينهن سعودي عرب کي اسرائيل جي ويجهو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ هڪ اسرائيلي وفد به اٽڪل 15 ڏينهن  سعودي عرب جو دورو ڪري چڪو آهي، سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪيو ته پوءِ پاڪستان  ڇا ڪندو؟  ڇو ته ان کانپوءِ پاڪستان  تي به اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ  وڌي ويندو. اهو به ممڪن آهي ته سعودي عرب پاڪستان ۾ 75  ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ  کي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏي ان صورت ۾ پاڪستان وٽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ  بنا ٻيو رستو نه رهندو. اها صورتحال ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ واضح  ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.