تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل سعودي عرب سان امن معاهدو ڪري ٿو ته 6 يا 7 وڌيڪ مسلمان ملڪ ان سان امن معاهدو ڪري سگهن ٿا.اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جو چوڻ آهي ته ايلي ڪوهن اهڙو بيان جمعي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي تقرير کانپوءِ ڪن نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو.اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 6 يا 7 ٻيا ملڪ آهن جن سان مون ملاقات ڪئي، اسان جا انهن اهم مسلمان ملڪن سان لاڳاپا ناهن جيڪي امن ۾ دلچسپي رکن ٿا.رپورٽ موجب ايلي ڪوهن چيو ته اهي ملڪ آفريڪا ۽ ايشيا ۾ واقع آهن پر انهن ملڪن جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي بعد ۾ چيو ته هن جو انهن مان ڪجهه سان سڌو سنئون رابطو هو.ايلي ڪوهن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو ته سعودي عرب سان امن جو مطلب مسلم دنيا ۽ يهودين وچ ۾ امن آهي.