اسرائيل سان لاڳاپن بابت قومي مفاد نظر ۾ رکي فيصلو ڪبو: جليل عباس

تل ابيب (م ڊ) اسرائيل سان لاڳاپا رکڻ جي معاملي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي  قومي مفادن ۽ فسلطيني عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکي ئي ان بابت ڪو فيصلو ڪندوان کان اڳ اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن سعودي عرب سان لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت ڪوششن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب سان گڏ 6 يا ست مسلمان ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪندا پر پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان نمائيندي کي خاص طور تي ٻڌايو ته ان معاملي ۾ ڪو به فيصلو پاڪستان ۽ فلسطينين جي مفادن کي نظر ۾ رکي ئي ڪيو ويندو.ماضي تي نظر وجهجي ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد قصوري اسرائيلي پرڏيهي وزير سيلون شيلوم سان ترڪي جي شهر استنبول ۾ 2005ع ۾ ملاقات ڪئي هئي، اها پهرين ملاقات هئي جيڪا ميڊيا جي آڏو ٿي ۽ اهو ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي ڪوششن جو نتيجو هو.ان ملاقات کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ سيلون شيلوم اميد ظاهر ڪئي هئي ته هاڻي پاڪستان ۽ اسرائيل وچ ۾ کُليل ۽ گڏيل مفاد رکندڙ لاڳاپا شروع ٿيندا، سيلون شيلوم ان وقت جي صدر مشرف جا ٿورا مڃيا ته خطي ۾ امن ۽ ماڊرنائزيشن لاءِ هو صدر مشرف جي ان جرت تي سندس ٿورائتا آهن ۽ اهو ته سندس ڪوششن سان مستقبل ۾ امن، سلامتي ۽ علائقائي سهڪار وڌندو پر ان کان پوءِ پرڏيهي وزيرن يا ڪنهن ٻي سطح تي اهڙيون ملاقاتون ميڊيا تي سامهون ناهن آيون پاڪستان جي هڪ ٻئي سينيئر سفارتڪار سان کان اها ڳالهه پڇي وئي ته سعودي عرب سان ايشيا ۽ آفريقا جا 6 يا ست مسلمان ملڪ جيڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪري وٺندا ته پاڪستان ڪٿي بيٺل هوندو؟ ان تي سفارتڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ايترو چيو ته اميد آهي ته ان بابت پاڪستان کي ويجهڙ ۾ ڪو به فيصلو نه ڪرڻو پوندو.اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن اهو به چيو ته هن جي ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي اهڙن ان نمائيندي هڪ سينيئر سفارتڪار کان اهو به پڇيو ته ڇا اسرائيلي پرڏيهي وزير جي تازو ڪجهه عرصي ۾ ڪنهن پاڪستاني اهلڪار سان ملاقات ٿي آهي ته هن واضح انداز ۾ چيو ته نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.