اسلام آباد(م ڊ) آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ اقتصادي پاليسيءَ جي پروفيسر اسٽيفن ڊيرڪون چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي صورتحال ”غير پائيدار“ آهي ۽ اشرافيه به محدود ٿي رهي آهي.اشرافيه جي معاملن جي اقتصاديات تي بحث ڪندي هن چيو ته گهٽ ٽيڪس وصولي، وڏي سبسڊي، گهٽ بچت ۽ سيڙپڪاري توازن جو حصو آهن. پروفيسر موجب معاشي پاليسين ۾ سياسي توازن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي چيف اڪنامسٽ پروفيسر اسٽيفن ڊيرڪون هندستان، انڊونيشيا ۽ بنگلاديش جا مثال ڏنا جن پاڪستان جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي باوجود پنهنجي معيشت جو رخ موڙي ڇڏيو.هن چيو ته ڀارت جي ڊي پي ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري ويو آهي ۽ بنگلاديش پنهنجي ڊرامائي ترقي سان ان تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.