اسرائيل جي عرب ملڪن سان لاڳاپن جي ڪوشش ناڪام ويندي: ايران

نيويارڪ(م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير  عبداللهيان چيو آهي، ته ايران جي پاليسي ۾ ايٽم بم جي ڪا به جڳهه ناهي. ايران جي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش  سان ملاقات دوران چيو ته ايران جي پاليسي ۾ ايٽمي بم جي ڪا به گنجائش ناهي. ايٽمي معاهدي باري ۾ سدائين اسان اوهان سان سٺا مشورا ڪيا آهن، آمريڪا سان پيغامن جي مٽاسٽا جاري آهي، جڏهن عمان جي سلطان جي تجويز تي غور ٿي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ٻين ڌرين راضپو ڏيکاريو ته اسان ايٽمي معاهدي ۾ واپسي لاءِ سنجيده آهيون. هن يوڪرين بحران جي باري ۾ پڻ ايران جي اصولي موقف جي وضاحت ڪندي چيو ته اسان يوڪرين سميت ڌرتي جي سڀني ملڪن جي سلامتي جا پابند آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.