حڪومت پهرين آڪٽوبر کان پيٽرول سستو ٿيڻ جي اميد ڏياري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) نگران وفاقي حڪومت عوام کي پهرين اڪٽوبر کان پيٽرول سستو ٿيڻ جي اميد ڏياري ڇڏي آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا  سان ڳالهائيندي نگران صحت واري وفاقي وزير گوهر اعجاز ٻڌايو ته ڪرنسي مستحڪم ٿي آهي ته ان جا نتيجا به سٺا ايندا. هن چيو ته غير قانوني طور تي ٻاهران ڊالر موڪليندڙن کي روڪڻ سان بهتري آئي آهي، ڊالر جي قدر گھٽجڻ سان عوام کي رليف ملندو.سندس چوڻ ه وته انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر گھٽيو آهي، قدمن سبب ڪرنسي پنهنجي جاءِ تي اچي وئي آهي، اميد آهي ته پهرين تاريخ تي پيٽرول جي قيمتن تي خوشخبري ايندي.نگران وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان جي ذميواري آهي ته صنعت ۽ واپاري جو خيال رکون، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۾ سعودي ۽ گڏيل عرب امارتن سان وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي.ٻي پاسي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته گوهر اعجاز تي منهنجو ئي نه پر سڄي ملڪ جي صنعتڪارن کي اعتماد آهي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا 75 سالن کان آهن، گوهر اعجاز 90 ڏينهن ۾ حل نٿو ڪري سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.