سنڌي ادبي سنگت هڪ ٿي وئي، تاج جويي جي سربراهي ۾ ايندڙ چونڊن تائين ڪم ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت جي ٻن ڌڙن ۾ ھڪ ئي تنظيم ۾ گڏ رھڻ تي اتفاق ٿي ويو، ھڪ ڌڙي جي سمورن عھديدارن ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين رضاڪاراڻي طور تي پنھنجا عھدا ختم ڪندي ٻئي  ڌڙي جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي جي سربراھي ۾ سنگت جي ايندڙ چونڊن تائين ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾  يڪراءِ ۽ متفقه طور تي فيصلا ڪري منظوري ورتي وئي، جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مشتاق ڦل واري ڌڙي جي سڀني مرڪزي عهديدارن ۽ سمورن ضلعي رابطا سيڪريٽرين جي عهدن کي ختم ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ ضم ڪيو ويو. فيصلي موجب ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي باڊيء جي اليڪشن مارچ 2024ع جي پهرئين هفتي ۾ ٿيندي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاخن جي حتمي لسٽ موجب گڏيل سنگت جون فائنل ٿيل 231 شاخون برقرار رهنديون، ڄاڻايل لسٽ جا 231 شاخن جي سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ئي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جا مجاز هوندا. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ ان جي مرڪزي باڊي کي هڪ ادبي سنگت سنڌ جون واڳون ڏئي کين اڳواڻ تسليم ڪيو ويو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سنڌ ڪائونسل ۾ شريڪ سمورن ڪائونسلرن ۽ سيڪريٽرين سمورن فيصلن کي متفقه طور تي منظور ڪيو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي پاران ڪوٺايل سنڌ سنگت جو گڏيل اجلاس نامياري ڪالم ليکڪ ۽ سنگت شاخ سيوهڻ جي ڪائونسلر محمد خان ابڙي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ مرڪزي عھديدارن آزاد انور ڪانڌڙي، فائزه ايوب، خطائي ٿيٻي، حسين سارنگ، رمضان ميمڻ، ٻي سٿ جي اڳواڻن ڊاڪٽر مشتاق ڦل، شبير سيال، اعظم ڀٽي، مظھر خاصخيلي، اياز لطيف دائي، اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن احمد سولنگي، يوسف سنڌي، اڳوڻن مرڪزي عھديدارن نياز پنھور، سجاد ميراڻي، مارو جمالي، عرس اوٺي، زاهد راڄپر، نبي بخش ناز، ضلعي رابطا سيڪريٽري، راشد لکمير، فقير اڪرم، واحد سوز، شھاب نھڙيي، وسيم آڪاش، شير محمد هاليپوٽي، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، ايم ظفر ٽڳڙ، شاهنواز خاصخيلي، ماجد ميراڻي، زاهد شاهه، استاد گل دائي، غلام حيدر خاصخيلي، نياز لاشاري، دلدار جانوري، مولا بخش محبتي، محمد علي ميرجت. مختلف شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن سيد زوار نقوي، مشڪور ڦلڪاري، مختيار شاهه، فتح علي مخلص ٽالپر، سرفراز جيلاني، سرمد بروهي، رجب آزاد، مصطفيٰ دل، فقير امر عباس، عبدالحفيظ چني، مير حسن ميري، خالد راڄپر، اختر رند، امجد عاجز، منور سراج، امداد رند، شوقين رند، رفيق آس لغاري، عبد مگسي، اياز کهاوڙ، ساگر ڏهراج، احساس ميرل، معصوم بخاري، ڪوثر هالائي، محبتي ملاح، مرتضيٰ ڦل، خالص بخاري، دلبر ڏيپلائي، آس ٻٻر، انور شاهه، گهايل لغاري، عزيز پليجي، ملھار سنڌي، اعجاز ڀٽي، ممتاز خادم ميمڻ، ڊاڪٽر الياس ڀٽي، ڪاشف منٺار، عثمان پنھور، قادر جاگيراڻي، خاڪي جاني، رامچند اوڏ، سجاد ظھير، حنيف سومري، ڊاڪٽر عابد مظھر، سليم چنا، ضياءَ ابڙي، فريد گل شاعر، اصغر سجاد، خاور قبولائي، فدا سنجراڻي، سارنگ جويي، اصغر باغي، رضا ڏاهري، زاهده ابڙو، شڪيل پارس، لال بخش ڪاتيار، صديق جويي، قمر ڀان، عبدالقادر کٽي، زاهد ڄامڙي ۽ ٻين کان سواءِ گل شير ڪوريجي، زبير سومري، امجد ميمڻ، امر لغاري، عيسيٰ ميمڻ، امام علي ڏيٺي، آغا ظفر، شوڪت ميمڻ، مجيد نظاماڻي، ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، انور ساگر، روحل ڪالرو، طارق امام، اياز ابڙي ۽ ٻين 275 ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ڪارروائي سيڪريٽري جنرل تاج جويي هلائي، هن اسٽيج تي اجلاس جي صدارت لاءِ محمد خان ابڙي کي سڏڻ سان گڏ مھمان طور ٻئي سٿ جي اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي کي ويھاريو.اجلاس جي شروعات انو سولنگيءَ شاهه لطيف جي وائي ڳائي ڪئي. سيڪريٽري جنرل تاج جويي آجياڻي واري تقرير ڪندي چيوته سنڌي ادبي سنگت سنڌ پنھنجي ادبي سفر جا 76 سال پورا ڪري رهي آهي. ان وچ ۾ اسان ڪيترا امتحان، آزمائشون ۽ انتشار جا مرحلا طئي ڪري چڪا آهيون. اڄوڪي اجلاس ۾ اسان سڀ اختلاف، غلطيون، غلط فھميون ۽ ويڇا وساري هڪ سنڌ هڪ سنگت  جي بينر هيٺ گڏ ٿيا آهيون.

تاج جويو اسان سمورن جو سيڪريٽري جنرل آهي: ڊاڪٽر مشتاق ڦل

حيدرآباد: ڊاڪٽر مشتاق ڦل اسٽيج تي اچي فيصلي کي قبول ڪندي چيو ته اڄ کانپوءِ تاج جويو اسان سمورن جو سيڪريٽري  جنرل آهي، سنڌ سنگت هڪ ٿيڻ جون سڄي سنڌ کي واڌايون، اميد ته تاج جويو ايندڙ چونڊون شفاف ڪرائيندو ۽ آءٌ ايندڙ چونڊن ۾ ڪنھن به عھدي تي نه بيھندس.  هن احمد سولنگي، يوسف سنڌي ۽ خاص ڪري تاج جويي ۽ انور ڪانڌڙي جا ٿورا مڃيا. ان کان پوءِ سيڪريٽري جنرل تاج جويي اجلاس آڏو آئيني ترميمون پيش ڪيون، جن کي يڪراءِ منظور ڪيو ويو.

سيڪريٽري جنرل جي ٽيون ڀيرو چونڊجڻ تي پابندي

حيدرآباد: سنڌي ادبي دنگت جي آئين ۾ ٿيل ترميمن موجب هر شاخ جو ميمبر يا عھدي جو اميدوار ان شاخ جي شھر يا حد جو هوندو،  عھديدار لاءِ ضروري هوندو ته، هو شاخ يا سنگت جو هڪ سال ميمبر رهيو هوندو. سيڪريٽري جنرل جي عھدي تي ٻه ڀيرا چونڊجڻ کان پوءِ ڪوبه اميدوار ٽيون ڀيرو بيھي نه سگهندو ۽ ان جي بيھڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سندس هڪ ڪتاب ڇپيل هجڻ لازمي هوندو، ڪا به عورت ميمبر مخصوص سيٽ کان سواءِ به سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين عھدن تي بيھڻ جي مجاز هوندي. سيڪريٽري جنرل مرڪزي آفيس لاءِ حيدرآباد شاخ جي ڪنھن به ميمبر کي آفيس سيڪريٽري مقرر ڪري سگهندو.

پريا ڪماري جي بازيابي،ڪارونجهر جي نيلامي روڪڻ جا ٺهراءَ

حيدرآباد: اجلاس ۾ ٺھراءَ پاس ڪري سنڌ حڪومت ۽ سنڌي ادبي بورڊ کان ڍڳي جي مھر وارو لوگو جلد بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي،  پروفيسر نوتل لال جا ڪيس ختم ڪري، کيس آزاد ڪرڻ، پريا ڪماري کي ڌاڙيلن کان آزاد ڪرڻ، شھيد جان محمد جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ ۽ ڪارونجهر جي نيلامي ۽ ڪٽائي وارا فيصلا ختم ڪرڻ، افغان پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا. اجلاس ۾ نامياري شاعر، ليکڪ ڪلال ۽ ڪونج رسالي جي ايڊيٽر هري موتواڻي جي ڀيڻ جي موت تي ڏک جو اظھار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.