مالاڪنڊ (م ڊ) مالاڪنڊ ۾ ڊينگي وبا جا 5 ڪيس سامهون آيا آهن، 2 مريضن جو واسطو درگئي سان جڏهن طوطه ڪان ڪوٽ ۽ هريان ڪوٽ ۾ موجود ڊينگي جو هڪ هڪ مريض جي ٽريول هسٽري موجود آهي. ملا ڪنڊ صحت کاتي ڊينگي ڪوارڊنيٽر ڊاڪٽر صغير المعاني مطابق ڊينگي ڪيسن جي موجودگي ۾ ڪنهن ڳڻتي يا خطري جي ڪا به ڳالهه ناهي.
ايٿوپيا کي 19هين صدي جي جنگ دوران برطانوي فوج هٿان لُٽيل نوادرات واپس
لنڊن(م ڊ) برطانيه ايٿوپيا جي شهنشاه تيوڊروس 2 خلاف 19هين صدي جي جنگ دوران برطانوي فوج جي هٿان لُٽيل نوادرات واپس ڪري ڇڏيا آهن. عرب نشرياتي اداري مطابق لنڊن ۾ منعقد ڪل تقريب ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني کي 1868ع ۾ مگدالا جي جنگ دوران لٽيل ڪجهه شيون واپس ڪري ڇڏيون آهن ان شين ۾ ايٿوپيا جي هڪ شهزادي شهزادا اليمايهو جي وارن جا گڇا ۽ چاندي جا 3 ڪپ ۽ 1 شيلڊ شامل آهي.
اسرائيلي فوج جو فلسطين ۾ غزه پٽي تي ڊرون حملو
غزه (م ڊ) اسرائيلي فوج فلسطين ۾ غزه پٽي تي ڊرون حملو ڪيو. ميڊيا رپورٽن مطابق اسرائيلي فوج غزه پٽي تي حملو پرتشدد احتجاج کان پوءِ ڪيو جنهن ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب 3 فلسطيني پڻ زخمي ٿيا. شام جي وقت ڪيل حملي ۾ اسرائيلي فوج دعويٰ موجب حماس کي نشانو بڻايو ويو. هڪ فلسطيني سيڪيرٽي ذريعي اي ايف پي کي ٻڌايو ته اسرائيلي جهازن غزه شهر جي اوڀر ۾ حماس جي نگراني واري جاءِ کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ان ڪنهن به جاني نقصان جو ذڪر نه ڪيو.
لبنان ۾ ٻڏندڙ ٻيڙي مان 27 شامي پناهگيرن کي بچايو ويو
بيروت(م ڊ) لبنان ۾ سامونڊي فوج شهري دفاع واري کاتي جي سهڪار سان ٻڏندڙ ٻيڙي مان 27 شامي پناهگيرن کي بچائي ورتو آهي. لبناني فوج جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته لبنان جي سامونڊي ڪناري شڪا ويجهو ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ سوار 27 شامي پناهگيرن کي بچائي ورتو آهي جيڪي لبنان مان يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. واضح رهي ته لبنان جي فوج باقائدگي سان غيرقانوني پناهگيرن جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.