ميان صاحب/ سلطان ڪوٽ (رپورٽ: مظفر ملڪ/ طارق علي سڌايو) ميان صاحب ڀرسان زمين جي مالڪي تان نينگر گوليون هڻي قتل، ميان صاحب ڀرسان لوڊرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرحيم جعفري ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي ويو، جهيڙي دوران 16 ورهين جو ضمير پٽ شاهه محمد جعفري مارجي ويو، لوڊرا پوليس ٻڌايو ته جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي ۾ فائرنگ سبب ضمير جعفري مارجي ويو، جوابدار فرار ٿي ويا آهن وارثن جي اچڻ شرط ڪيس داخل ڪنداسين، پوليس موجب مقتول ضمير کي سندس سئوٽ صدام جعفري قتل ڪيو آهي واقعي کاپوءِ نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.