راولپنڊي (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته ڪشميرين ۽ پاڪستانين جا ڏوهي عوام جي قهرکان بچي نٿا سگهن، نواز شريف جي واپسي سان صرف آئين ٽوڙيندڙ پريشان آهن، مريم نواز پاڪستان مسلم ليگ ن آزاد ڄمون ڪشمير جي راولپنڊي ۾ منعقد مشاورتي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪئي، ان موقعي تي مريم نواز چيو ته عوام جي اميد نواز شريف وطن واپس اچي رهيو آهي، هو عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ڪشميرين ۽ پاڪستانين جا ڏوهي عوام جي قهر کان بچي نٿا سگهن، نواز شريف ئي عوام کي سدائين رليف ڏنو آهي، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته نواز شريف کي نااهل ڪري پاڪستان کي نقصان پهچايو ويو، مينار پاڪستان جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ آزاد ڪشمير کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ رهندڙ ڪشميري به شريڪ ٿيندا.