جيئن ئي ميان نواز شريف 2017ع ۾ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي ڪردارن (جن ۾ جنرل باجوا، جنرل فيض،اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ ٻيا جج شامل آهن) کي انجام تائين پهچائڻ جو ارادو ڪيو آھي. تھ ان سان گڏ اڳوڻي چيف جسٽس بنديال جي شهباز حڪومت پاران نيب جي ضابطن ۾ ڪيل تبديلين کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد نيب جون توپون پڻ سياستدانن خلاف کلي ويون آھن.
اهڙي صورتحال ۾ اکين جي تاري ڀاءُ کي ھنگامي طور تي لنڊن واپس وڃڻو پيو. هاڻ اکين جي لاءِ تير بڻجي ويل نواز شريف وٽ فقط ٻه ئي رستا بچيا، يا ته هو وات بند ڪري ۽ سياسي پناهه تي راضي رهي يا وري پنهنجي بيانيئي لاءِ ڪو محفوظ رستو ڳولي.وات بند ڪرڻ کان تھ دفن ٿيل بيانيئي کي زندھ ڪرڻ جي معصومڙي لاحاصل ڪوشش تي پاڻي ڦري وڃي ٿو.بھرحال سياسي پناهگيري جو ڪو رستو ماضي جيان ڳولڻ ممڪن آھي. جيتوڻيڪ ميان نواز شريف پنهنجي موقف تي قائم رهيو ۽ ظاهري طور تي ماضيءَ جي سازشن کي مستقبل لاءِ انجام تائين پهچائڻ جو پڪي ارادي تي بضد آهي.
ڇاڪاڻ ته شهباز حڪومت جي ناڪارھ ڪارڪردگيءَ ۽ سول اختيارن تي شرمناڪ سمجھوتن جي ڪري ووٽ جي ذلت جو جيڪو اھتمام ڪيو ويو هو.ان تي وري ميان صاحب ڌوڙ بيانيئو بڻائي ھا.ان ڪري بظاهر شهباز شريف جيڪو ”پيغام“ کڻي تڪڙو لنڊن ويو ھو،سو ان کي وڏي ميان صاحب کيس سچ پچ مناسب توجهھ جي لائق سمجھيو يا ”ووٽ کي عزت ڏيو“ واري ڪوڙي ۽ سچي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ ڦوڪ ڏئي ڇڏي،پر عوام ۾ قبوليت لاءِ فائر قرار ڏيندي معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندي.جنھن بابت ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي.هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمان مان تير نڪري چڪو آهي ۽ احتساب جي رسي کي سخت ڇڪڻ جون تياريون تيز ٿي ويون آهن. اندر جي خبر تائين پهچ رکندڙ تحقيقي صحافي به ھن ڀيري خير ناھي،جھڙيون خبرون ڏئي سنسني پکيڙي رھيا آھن.
بهرحال،ميان نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي لاهور پهچڻ جو اعلان برقرار آهي. ميان صاحب جو مطالبو آئيني، جمهوري ۽ اخلاقي به آهي، پر ان جو ڇا ڪريون ته راڻا ثناءُ الله ۽ زبير صاحب جي چوڻ موجب، عمران خان جي حڪومت مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ساڳئي جنرل باجوا، کي ايڪسٽينشن ڏني وئي ھئي، جنھن جي گناھ جي لاءِ قائد مسلم ليگ ن لاءِ ڪورٽ مارشل چاهي ٿو، جيڪو ڪنهن به سويلين روح رکندڙ جي وس ۾ ناهي. ڪنهن جيالي غضب جي يادگيري ڪرائي تھ پوءِ جيڪا ڪارروائي جنرل ڪياني ۽ ان جي اعتماد واري آءِ ايس آءِ سربراهه، ميموگيٽ جي صورت ۾ ڪئي ھئي۽ ان جي وڪالت ڪندي ميان نواز شريف ڪارو ڪوٽ پائي، سپريم ڪورٽ ۾ پنھنجي پسند جي،چيف جسٽس افتخار چوڌري جي عدالت ۾ پيش ٿيو هو.ان جو پڻ مواخذو ڪيو وڃي.
اهڙيءَ ريت هن گريزن رياست جي تاريخ جي سمورين مارشلائن کي تاريخ جي عدالت جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻو پوندو، جنهن لاءِ سگهھ انھن غيرمنظم،سمجھوتي باز ۽ باهم نفرت رکندڙ سياسي پارٽين جي وس ۾ نھ آھي. جيتوڻيڪ اسٽيٽ آف مارشل رُول جو هاڻي ڪو مداح نه رھيو آهي، اهو مسلط رھڻ تي اڃا پڻ مُصر آهي.تاريخي حساب چڪائڻ جي لاءِ انفرادي ڪردارن جي پائمالي جي بدران بهتر آهي ته اهو ھڪ ٽروٿ اينڊ ري ڪونسليشن ڪميشن کي اھو ڪم سونپي ثواب دارين حاصل ڪيو وڃي.
هوڏانهن عين ان وقت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پاران فيض آباد ڌرڻي بابت سندس ئي فيصلي خلاف وڏي نظرثاني جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بينچ وٽ مقرر ڪيون ويون آھن. رياستي ادارن طرفان عدالت ۽ عدالتي فيصلي خلاف انتهائي جارحاڻو موقف اختيار ڪندي ان کي هٿياربند فوج جي مٽيءَ پليد ڪرڻ ۽ ”دشمن جي مقصدن“ پورا ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏيندي ،ان فيصلي کي واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن نظرثاني جي درخواستن کي ڪنڪريٽ ۽ جامع ادارتي سڌارن تائين محدود ڪيو وڃي تھ سلامتي جي ادارن جي پيشه ورانه صحت ۽ انساني حقن ۽ آئين جي پاسداري لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
سويلين تاريخ جو المياتي پاسو ھي آھي تھ ھاڻي ھڪ کانسواءِ سڀ ئي چونڊن ۾ ليول پلئينگ فيلڊ جي گھر ڪري رھيا آھن. ستم سھندڙ تحريڪ انصاف جي تھ اها ضرورت آهي، هاڻي پيپلز پارٽي به ميوزيڪل چيئر گيم مان نڪري اھو مطالبو ڪندي، ن ليگ جي رياستي قبوليت تي ڪاوڙ ڪري رھي آھي۽ بلاول ڀٽو پنهنجي پيءُ پاران مفاهمت پسندي ڪري ٻڌل هٿ کولڻ لاءِ التجا ڪندي نظر اچي رھيو آھي.
نوجوان ۽ باصلاحيت بلاول ڀٽو هاڻي خيرن سان 35 ورهين جي ڄمار جو ٿي چڪو آهي ۽ هڪ آزاد اڳواڻ بڻجڻ لاءِ شايد هن کي پنهنجي والده شهيد بينظير ڀٽو جي روايت کان رجوع ڪرڻو پوندو .جڏهن محترمه پنھنجي ڪل اختيارن جي لاءِ پنھنجي والده کي چيئرپرسن جي شراڪت واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. ان دوران اليڪشن ڪميشن باقاعده اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪرڻ کانسواءِ ايندڙ سال جنوري جي آخري هفتي ۾ سمورين چونڊن منعقد ڪرڻ جو رڳو اشارو ڏنو آھي.
حيراني آھي تھ تڪبندين جي 27 سيپٽمبر جي پڌرائي کان پوءِ، اڃا بھ ٻن مهينن تائين اليڪشن ڪميشن ڇا ڪندي رھندي.تڪبندين تي اعتراض ۽ انھن تي ضلعي ريٽرننگ بابت فيصلا 15 ڏينهن اندر ڪري سگهجن ٿا.جيڪي 13 آڪٽوبر تائين حتمي جاري ڪري سگهجن ٿا ۽ ان بعد 54 ڏينهن ۾ ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون. جيڪڏهن اها ملتوي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي ته پوءِ اهو ايتري مختصر عرصي ۾ ممڪن نظر نٿو اچي ۽ نه ئي اهڙي مقبول پارٽي کي چونڊ عمل مان خارج ڪري يا ان لاءِ حصو وٺڻ مشڪل بنائڻ سان چونڊن جي شفافيت جي تاثر کي برقرار رکي سگهجي ٿو.
ڪنھن ٻي پارٽيءَ کي پسند جي گهوڙي بڻائڻ ۽ ڪنگز پارٽين جي خچرن کي تڪي رفتاري بنائڻ سان سڄو چونڊ عمل پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي ويهندو ۽ سياسي بحران حل ٿيڻ بدران وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندو. تنهن ڪري اھو معاملو بھتر نموني اڳيان وڌندڙ نظر نٿو اچي.ڪيئر ٽيڪرز بھ ڏسي ورتا سين،انھن کي چيئر ٽيڪر بڻجڻو آھي.تتر ۽ٻٽير وارو ٽڪراءَ وارو نظام ھلڻ کان تھ رھيو.
سياسي ڏاهپ ۽ نظام سازي ھتي ھلڻ کان رهي. بهتر ٿيندو ته سياسي مڪالمي جي شروعات ڪئي وڃي ۽ ھڪ وسيع تر قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ماحول پيدا ڪيو وڃي. سياست جي بلا سياستدانن جي حوالي ڪئي وڃي ۽ انهن کي گڏ ويھاريو وڃي تھ ميثاق سياسيت ۽ معيشت ۽ روز آف گيم تي اتفاق ڪيو وڃي.جنھن ملڪ ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، اتي ڪروڙ 50 لک ماڻهو غربت جو شڪار آهن، جيڪي آبادي جو 40 سيڪڙو آهن ۽ لکين نوجوان بيروزگاري ۽ اونداهي مستقبل کي منهن ڏئي رهيا آهن. جتي امير رڳو کائين پين ۽ غريب غريب ئي پورھيو ڪن. اتي تضاد کليل بيٺو آهي. هي قصو فرانسيسي انقلاب جي انارڪي جھڙو جڙي ويو آهي. سڄو نظام تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪنھن عمل جوڳي رستي ڳولڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناھي. پر ڪير ٿو ڪري؟ ڪريو تھ ڪجهھ نئون ڪريو، ڪجهھ انقلابي ڪريو!