نواز شريف جي ڳالهه ڪٿي سياسي ”نعرو“ ته ناھي ؟

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ھڪ ڀيرو ٻيھر اھو ورجايو آھي تھ جنرل (ر) قمر باجوا، فيض حميد، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا ۽ عظمت سعيد پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جا ڏوهاري آهن. لنڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز  شريف سميت مسلم ليگ ن جي قيادت جي اھم اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

نواز شريف جو چوڻ ھو تھ  2017 جي پاڪستان کي سازش تحت تباهي ڪناري پهچايو ويو، جيستائين سازش ۾ شامل سمورن  ڪردارن کي انجام تي نٿو پهچايو وڃي پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي.

هن چٽي ريت، اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر باجوا، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد،اڳوڻي چيف جسٽس  ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا ۽ عظمت سعيد جا نالا کڻي انھن کي ڏوهي سڏيو.

ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي جا معاملا طئي ٿي ويا آهن.نواز شريف پاڪستان جي ترقي جو سفر ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ واپس پاڪستان وڃي رهيو آهي.

اجلاس ۾ نواز شريف جي پاڪستان واپسي بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ جيڪو ٿيو اهو قوم سان سنگين مذاق آهي، 2018ع ۾ نواز شريف جو مينڊيٽ کسيو ويو، نواز شريف اقتدار کان محروم نه پر ڪروڙين عوام کي خوشحالي کان محروم ڪيو ويو.

بهرحال هن مرحلي تي سوال اهو  پيدا ٿئي ته ڇا نوازشريف جي اها حڪمت عملي رڳو سياسي نعري بازي جي حد تائين آهي ۽ هو اعليٰ فوجي قيادت جي سمجهاڻيءَ سان اهڙو ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته جيئن تحريڪ انصاف بدران هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي اسٽيبلشمينٽ مخالف قوت طور اڳيان آڻجي ۽ عوام جي ووٽن تي اثر انداز ٿي سگهجي.

ان حڪمت عملي ۾ هڪ ڳالهه واضح آهي ته نواز شريف ۽ سندس ساٿي اهو سمجهي رهيا آهن ته فوج جي سياسي ڪردار کي عوام ۾ قبوليت ناهي ۽ جيڪو به ان جي خلاف ڳالهائيندو، عوام ان کي ووٽ ڏيندو. اها صورتحال موجوده فوجي قيادت لاءِ به پريشان ڪندڙ هجڻ گهرجي. جيڪا ملڪ جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سرگرم آهي. جيڪڏهن عوام فوج جي اهڙي ڪردار کي تسليم نه ڪندو ته ڪيتري وقت تائين فوجي قيادت ملڪ جا اهم سياسي ۽ معاشي فيصلا پنهنجي مرضي سان ڪندي رهندي.

نواز شريف کي جواب ڏيڻو پوندو ته هڪ طرف هو اسٽيبلشمينٽ مخالف جذبن جي بنياد تي پنهنجي سياست کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو پر ٻئي طرف پارٽيءَ جو صدر سندس ڀاءُ آهي، فوج جي قيادت جي واکاڻ ڪندي رڪارڊ قائم ڪيو آھي.

ان صورت ۾ نواز شريف اسٽيبلشمينٽ مخالف سياسي مهم ڪيئن هلائي سگهندو

ھتي اهم ڳالهه هيءَ بھ آھي ته ڇا فوج ۽ عدليه پنهنجي اڳوڻن اڳواڻن خلاف احتساب لاءِ راضي ٿينديون؟  يا وري خود نواز شريف اقتدار حاصل ڪرڻ بعد اھي ڳالھيون وساري ڇڏيندو ؟ جن تي ھو ھن وقت زور ڏئي رھيو آھي.

اھو عين ممڪن آھي تھ ھاڻي چونڊ مهم ۾ هر طرف کان اھڙا ئي نعرا لڳن. پر وقت گذرڻ کان پوءِ هر ڪو ’مفاهمت جي سياست‘ جي نالي تي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويندا.

اصولي طور ڳالھھ غلط ناھي پر حالتون جيڪو ڪجھھ ٻڌائين ٿيون ان موجب ماضي ۾ ائين ئي ٿيندو رھيو آھي،تنھنڪري ميان نوازشريف جي ھاڻوڪي سخت موقف تي بھ عوام کي گھڻا شڪ ٿي رھيا آھن.

  • شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو فيصلو ۽ ھڪ اميد 

    ملڪ ۾ ھيڏي ساري سياسي گوڙ ۾ ھڪ مثبت خبر ھي آھي تھ ملڪ جي ھڪ يونيورسٽي ۾ شاگرد ن جي يونين بحال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آھي.پابندي واري ھن معاشري ۾ تعليم ادارن ۾ ويندڙ شاگردن کي ھاڻي تھ ياد ئي نھ ھوندو تھ ڪنھن دور ۾ انھن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪاليج سطح کان مٿي جي تعليمي ادارن ۾ ھڪ يونين ھوندي ھئي.جنھن کي اتي پڙھندڙ شاگرد گڏجي چونڊيندا ھئا.جنھن جو ڪم انھن ئي شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن تي ڪم ڪرڻ ۽ مثبت ماحول مھيا ڪرڻ ھوندو ھو.

    ملڪ ۾ جئين تھ وقت بوقت مارشلا لڳڻ ڪري اڪثر وقت سياسي جماعتون بھ پابندي جي ور چڙھنديون رھيون آھن، انڪري سياسي سکيا ۽ تربيت جون اھي نرسريون بھ گھڻو ڪري ھر آمر اچي بند ڪري ڇڏيون آھن،جن مان اڳي سياسي اڳواڻ نڪرندا ھئا.

    تازو ملڪ جي گاديءَ واري شھر جي ھڪ يونيورسٽي ۾ اھا شاگرد يونين بحال ڪئي پئي وڃي.

    اھڙي فيصلو اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ ڪيو ويو. شاگرد يونين جي بحالي بابت  قاعدا طئي ڪرڻ  لاءِ ڪميٽي قائم بھ ڪئي وئي آهي. قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رڪن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وائيس چانسلر پروفيسر نياز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.

    قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪري ورتو. تعليم واري سيڪريٽري وسيم اجمل جي سربراهي ۾ شاگرد يونين لاءِ قاعدا طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

    چيف جسٽس يونيورسٽي ۾ هٿيار بردار پوليس، رينجرز ۽ سيڪيورٽي جي موجودگيءَ تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سندس چوڻ ھو  ته يونيورسٽي کي هٿيارن ۽ منشيات کان پاڪ رکيو وڃي.

    چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته يونين غير جماعتي هجي، فرقيواريت، لساني ورهاست کان پاڪ هجي، قائداعظم يونيورسٽي جي پهرئين قانون ۾ يونين موجود هئي، جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي پهرئين حڪم ۾ يونين ختم ڪئي وئي. هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏيو، ايجنسين کي به يونيورسٽي معاملن کان پري رکو، هتي اعليٰ تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي.

    اھو عمل ھڪ طرح سان انتھائي مثبت آھي ان سان اھا اميد پئدا ٿي رھي آھي تھ مستقبل ۾ ٻين تعليمي ادارن ۾ بھ شاگرد يونين بحال ٿي سگھي ٿي. اھو عمل دراصل سماج جي مختلف حصن کي فيصلائتي عمل ۾ شامل ڪرڻ ڏانھن ھڪ قدم آھي،جنھن سان معاشري ۾ گڏيل طور تي معاملن کي منھن ڏيڻ واري ختم ڪيل ھڪ وڏي عمل کي ھٿي ملندي.

     

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.