تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جا ست آڪٽوبر 2023ع جا حملا روڪڻ ۾ ناڪاميءَ تي 3 جرنيلن کي برطرف ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيلي فوج 2023 ۾ حماس جا حملا روڪڻ ۾ ناڪاميءَ تي 3 جرنيلن کي برطرف ڪرڻ ۽ ڪيئي سينيئر آفيسرن خلاف کاتي جي ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.
اسرائيلي فوج طرفان اِهو قدم اهڙي وقت کنيو ويو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ فوج جي سربراهه حماس جي حملن بابت ناڪامين تي ”فوجي جاچ” جو مطالبو ڪيو هو.
برطرف ڪيل جرنيلن ۾ 3 ڊويزنل ڪمانڊر شامل آهن، جن مان هڪ ان وقت ملٽري انٽيليجنس جو سربراهه هو.
اسرائيلي فوج جي طرفان آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، ٽنهي آفيسرن کي غزا کان شروع ٿيندڙ حماس جي حملن کي روڪڻ ۾ فوج جي ناڪاميءَ جو ذاتي طور تي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
هيءَ برطرفي ان وقت ظاهر ٿي جڏهن ٽئي آفيسرن اڳ ۾ ئي پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي چڪا هئا، جنهن ۾ ڏکڻ ڪمانڊ جو اڳوڻو سربراهه جنرل يارون فنڪلمان پڻ شامل آهي.
رپورٽن موجب، سامونڊي ۽ هوائي فوج جي سربراهه خلاف به کاتي جي ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ 4 جرنيلن ۽ ڪيترن سينيئر آفيسرن خلاف پڻ ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته سالن کان جاري اسرائيلي ظلم جي خلاف 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس اسرائيل تي هڪ هزار راڪٽ فائر ڪيا ۽ سرحد تي قائم ڪنڊيدار تارون ٽوڙي فلسطين جي والاريل علائقن ۾ اسرائيلي آبادين ۽ فوجين تي حملو ڪيو.
ان حملي جي نتيجي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا ۽ سوين اسرائيلي شهري ۽ فوجي يرغمال بڻائي غزا آندو ويا هئا.
ست آڪٽوبر جي حملن کي جواز بڻائي اسرائيل ٻئي ڏينهن کان غزا جي شهري آبادي تي شديد هوائي حملا شروع ڪيا ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ زميني ڪارروائي پڻ شروع ڪئي.