سلمان علي آغا راهول ڊريوڊ جو 26 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاھور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جو 26 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو .
سال 2025ع دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هنيئر تائين 54 انٽرنيشنل ميچون کيڏيون آهن ۽ انهن سڀني ميچن ۾ سلمان علي آغا ٽيم جو حصو رهيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو سلمان علي آغا هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ عالمي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، اعزاز ٽي ملڪي ٽوئنٽي سيريز ۾ زمبابوي خلاف ميچ کيڏي حاصل ڪيو.
سلمان علي آغا هلندڙ سال 54 ميچون کيڏي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جو 1999ع ۾ قائم ڪيل عالمي رڪارڊ ٽوڙيو، راهول ڊريوڊ 1999ع ۾ گڏيل طور تي 53 انٽرنيشنل ميچون کيڏيون هيون.
ان کانسواءِ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف به سال 2000ع ۾ 53 عالمي مقابلن ۾ گرين شرٽس جي نمائندگي ڪئي هئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٽي ملڪي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان زمبابوي کي 69 رنسن تي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.